لاڙڪاڻي ۾ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جو افتتاح 10 جنوري تي ٿيندو.پروفيسر احمد بخش ڀٽو

لاڙڪاڻو (هه آ) ريجنل ڊائريڪٽوريٽ آف ڪاليج ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جو اجلاس اڄ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر احمد بخش ڀٽو جي صدارت هيٺ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت جي نگراني هيٺ هلندڙ مهيني ٿيندڙ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز 2023 جي حوالي سان منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ريجنل آرگنائيزنگ ڪاميٽي لاڙڪاڻو ريجن جي ميمبرن ڪالجن جي پرنسپال پروفيسر الطاف حسين ابڙو، پروفيسر ثمينه ناز ابڙو, پروفيسر اعجاز احمد کوکر, ڊپٽي ڊائريڪٽر پروفيسر عقيل احمد لکير، سينيئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن شفقت حسين مڪاڻي، ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن خادم حسين گوپانگ شرڪت ڪئي. فوڪل پرسن انيلا ابڙو لاڙڪاڻو، ذوالفقار حسين آرائين ڪنڌڪوٽ ڪشمور، ظهور حسين تنيو قمبر، نصرالله ميمڻ، شڪارپور، سيد ظهير حسين شاهه، جيڪب آباد کي پڻ دعوت ڏني ھئي. لاڙڪاڻو ريجن جي فوڪل پرسن چيف ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن پرويز احمد شيخ موجب اجلاس ۾ مشاورت بعد فيصلو ڪيو ته لاڙڪاڻي ريجن ۾ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جو افتتاح 10 جنوري تي بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿيندو.جڏهن ته مختلف گورنمينٽ بوائز ۽ گرلز ڪاليجن ۾ مقرر 10 مختلف رانديون 11 جنوري کان سڄي ريجن ۾ شروع ٿينديون، گيمز جو افتتاح ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر احمد بخش ڀٽو ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں