ملير(ڊ.ر) گلشن حديد ايڪسٽينشن جي رهواسين پاران بنيادي مسئلا حل نه ڪرڻ خلاف سي اي او پاڪستان اسٽيل مل خلاف ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جنهن تي سي اي او اسٽيل مل خلاف نعريٰ لکيل هئا، گلشن حديد ايڪسٽينشن کي پاڻي ڏيو، سيوريج ۽ رستا پڪا ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين مصطفيٰ عباسي، اعجاز ڄامڙو، ڊاڪٽر احمد صديقي، نظام الدين چنا، ڪرم راڄپر، عبدالمنان ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسٽيل مل انتظاميا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ پاڻي جي لائين، سيوريج، رستا پلاٽ ڏيڻ وقت ان جي پر پلاٽ تي رقم وصول ڪئي وئي هئي 20 سالن ۾ ان جي باوجود ڪوئي ڪم اڄ ڏينهن تائين ناهي ٿيو گذريل سال هڪ دفعو ٻيهر پاڻي جي نئين لائن لڳائڻ لاءِ في گهر کان اسٽيل مل جي بلڪ واٽر سپلاءِ کاتي 40 هزار روپين جا ڪنيڪشن ڊمانڊ نوٽ موڪليا جيڪي رهائشين جمع ڪرايا ان کانپوءِ ٻه مهينا بعد 30 هزار جو پاڻي جي استعمال جو بل ٺاهي موڪليو ويو جڏهن ته ايڪسٽينشن ۾ ڪابه پاڻي جي لائن نه آهي جيڪي بل اڃا تائين هلي رهيا آهن، ايڪسٽينشن جي رهائشن جي درخواست تي اڳوڻي سي اي او مرحوم برگيڊيئر سيد شجاع حسن گلشن حديد ايڪسٽينشن جي رهواسن لاءِ پاڻي جي نئين لائن لڳائڻ لاءِ ٽينڊر ڪرائيو هو جيڪو اوپن ٿيو پر ان جي وفات کانپوءِ هاڻوڪو سي اي او اسٽيل مل ان ورڪ آرڊر تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته گلشن حديد ايڪسٽينشن ۾ اسٽيل مل انتظاميا ايڪسٽرا ڄاڻايل پلاٽ نيلام ڪيا جنهن جا ڪروڙين روپيا جمع آهن جڏهن ته پاڻي جي نئين لائن ۽ بلن جي مد ۾ ورتل رقم پڻ موجود آهي، اسان جو مطالبو آهي ته جائز ڪم نه ڪندڙ نااهل سي اي او پاڪستان اسٽيل مل کي هٽائي گلشن حديد ايڪسٽينشن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سي اي او اسٽيل مل جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.
