نوابشاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي علامتي بک هڙتال ختم

نوابشاهه)ڊ ر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ جيان نوابشاهه ۾ به سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 24 ڪلاڪن واري بُک هڙتال ڪئي وئي بُک هڙتالي ڪيمپ تي ڄام اسلم ڪوريجو، ڊويزنل صدر فلڪ شير اوڏ، ضلعي صدر مجيب ماڇي، جسقم آريسر جي سرمد ميراڻي، قومي عوامي تحريڪ جي ابراهيم بگٽي، جيئي سنڌ محاذ جي نويد ڇٽو، جسقم جي علي رضا خاصخيلي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي شبير سيال، ستار سندر ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي وفاق جي حڪم تحت سنڌ اسيمبلي مان ريزوليوشن پاس ڪرائي سنڌ صوبي جا آئيني اختيار وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن جنھن سان نه رڳو سنڌ صوبي جا مجموعي اختيارات محدود ٿيا آهن، پر ارڙهين آئيني ترميم تحت مليل صوبائي اختيارن کي پڻ محدود ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اسان سنڌ جي وحدت تي وار سمجهون ٿا. پيپلز پارٽي اقتدار جي نشي م ايتري ته انڌي ٿي چڪي آهي جو انهن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان دغا ڪرڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ٿو ٿئي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌ جو عوام مطالبو ٿو ڪري تہ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي مان آئين جي آرٽيڪل 144 ۽ 147 تحت پاس ڪيل قرار دادن کي فوري طور واپس ورتو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں