نوشهروفيروز ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي احتجاجي ريلي

نوشهروفيروز (ڊر) آءِ بي اي ٽيسٽ 2021ع پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ڏيڻ خلاف اميدوارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي الله واري چوڪ کان شروع ٿي شھر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب نوشهروفيروز پھتي. ان موقعي تي اڳواڻن عرفان علي چوهاڻ، شاھنواز سيال، آفتاب منڱريو، دين محمد جتوئي، احسان مستوئي ۽ ٻين چيو ته آءِ بي ٽيسٽ اميدوارن جي ڀرتي لاءِ ٽيون مرحلو جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. ھنن چيو ته ڊسمبر کان ٽيون مرحلو شروع ڪيو ويندو پر افسوس ڊي اي او نوشهروفيروز ۾ ٽيون مرحلو شروع ناھي ڪيو. جڏھن ته ضلع مٽياري، نوابشاھ، گھوٽڪي، دادو، عمرڪوٽ ۾ ٽيون مرحلو شروع ٿي ويو آهي. ضلع نوشهروفيروز جي ايس اين اي منظور ڪري 40 کان وڌيڪ پاس وارن کي آفر آرڊر ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي ۽ ضلع نوشهروفيروز جي اسڪولن ۾ ايس ٽي آر تحت استاد رکيا وڃن ڇاڪاڻ ته ضلع ۾ اسڪولن جي اڪثريت ۾ ھڪ سئو ٻارن لاءِ صرف ھڪ استاد مقرر ٿيل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں