هنڱورجا ۾ سنڌ امن پرست پارٽيءَ جو اگهٽي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي مارچ، ڌرڻو

ھنڱورجا(ن س) هنڱورجا ۾ سنڌ امن پرست پارٽي جي سڏ تي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ء اٽو جي اگهن ۾ واڌ جي خلاف پارٽي جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري باغي سجاد بلوچ. ضلعي صدر آصف بلوچ. ضلعي جنرل سيڪريٽري باغي سمر بلوچ. تعلقي سوڀوديري جو سينئير نائب صدر شھبان سولنگي بيربل مارواڙي. سورج مارواڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مچر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته سنڌ ۾ اٽي جو بحران پئدا ڪري غريب مسڪين ماڻهن کي بک وگهي مرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته ملڪ جا حڪمران مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن هن وقت سنڌ ۾ اٽي جو هٿرادو بحران پئدا ڪيو ويو آهي جنهن جي جي ڪري غريب مسڪين پورهيت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن هنن مطالبو ڪيو. فوري طور تي اٽو توڙي عام واهپي جي شين اگهن ۾ گهٽتائي ڪري غريب ماڻهو کي جيئڻ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں