وانا ( م ڊ ) ڏکڻ وزيرستان واري علائقي وانا ۾ بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف قبائلي ۽ سياسي ڌرين جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي. وانا ۾ احتجاج ڪندڙن سخت ٿڌ ۾ ٽن ڏينهن کان ڌرڻو هنيو ويٺا آهن، مظاهرين جو چوڻ آهي ته وانا ۾ ڀتا خوري، قتل ۽ اغوا جي وارداتون بند ڪرايون وڃن. ٻئي پاسي ڏکڻ وزيرستان جي ڊي پي او موجب ڌرڻي ۾ ڊيوٽي تي مقرر ٽن اهلڪارن کي رقص ڪرڻ تي معطل ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اهلڪارن ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن تي سندن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
