ڪوٽڙي سائيٽ (ن س) احتجاج ڪرڻ به ڏوھ بڻجي ويو! پنج مهينا اڳ ڪوٽڙي سائيٽ غريب آباد ڪالوني جو رھواسي جيڪو اڻ ڃاتل ڪار سوارن ٽي بي اسپتال مک در اڳيان راشد جلباڻي کي مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان راشد جلباڻي جي بازيابي لاءِ گذريل ڏينهن سندس وارثن پاران ڪوٽڙي فلاء اور پل اڳيان روڊ بند ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو جيڪو وارثن کي ڏکيو ثابت ٿيو ڪيل احتجاج به ڏوھ بڻجي ويو، گم ٿيل نوجوان ته کين نه مليو پر احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سندس وارثن تي ڪوٽڙي پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. سرڪاري فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ 6 ڄاتل ماڻهن سميت 76 ڄڻن مٿان روڊ بند ڪري عوام کي پريشان ڪرڻ جي ڏوهن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو
