ڪوٽ غلام محمد(ن س)ڪوٽ غلام محمد ۾ انسان دوست پئينل ،پاڪستان ڪولھي اتحاد ،سول سوسائٽيءَ ساڃاهه وند اڳواڻن پاران مھانگائي خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ،انٽري گيٽ کان نيشنل پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد تائين ريلي ڪڍي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ،ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ نيم داس ڪولھي ،پھلاج ٺاڪر ،ڪامريڊ رازو مل ڪولھي ،مڪيش ڪمار ڪولھي ،مولچند ڪولھي ،چيلارام ڀيل چيو ته حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب مھانگائي چوٽ چڙھي وئي آهي ،اٽو غريب جي قوت خريد کان وڌي ويو آهي ،غريب مسڪين پورھيت طبقو سخت پريشان آهن پر حڪومتي ڪامورا وزير مشير ٺلھا آسرا ۽ ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالھائي رھيا ،اھي پنھنجيون عياشيون ۽ شاھي خرچ ختم نٿا ڪري سگھن ،
