اوٻاوڙو ڀرسان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل هڪ ڄڻو فوت

اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد پنھون خان ڪالوني ۾ مزاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙي دوارن گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار منقتل ڪيو ويو ھو۔جن ھڪ ڄڻو قطال عرف گدالي مزاري زخمن جا سورنه سھندي فوت ٿي ويو هو پوليس مقتول جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ تان سوين ماڻھن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۔گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۔مقتول جي وارثن آئي جي سنڌ ۔ڊي آئي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں