باڊهه رورل هيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جو احتجاج

باڊھ(ن س) پنھنجن مطالبن جي مڃتا لاء باڊھ رورل ھيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن ٻه ڪلاڪ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڊاڪٽر سليم بروھي،نياز لاکير،شبير حسين ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي بلاڪ کان اسپتال جي مين گيٽ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري مطالبن جي مڃتا لاء سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته سنڌ حڪومت اسان جي منظور ٿيل مطالبن جو اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو آھي جڏھن ته مقرر ڪيل وزارتي ڪاميٽي به پڻ ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي جنھن ڪري صحت کاتي جي ملازمن ۾ بي چيني پکڙيل آھي ھنن چتاءۡ ڏيندي گھر ڪئي ته سندن مڃيل مطالبا فوري طور منظور ڪري سنڌ جي صحت کاتي جي ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں