تلهار ۾ نازيه ماڇي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جي احتجاجي ريلي

تلهار(ن س) 2 مهينه پهرين تلھار ۾ زميني تڪرار تان قتل ڪيل عورت ٻن معصوم ٻارڙن جي ماءُ مسمات نازيه ماڇي جي قتل ڪيس ۾ گهربل مُک جوابدار پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر سميت گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيا ،وارث سراپا احتجاج بڻيل ، نازيه ماڇي قتل سان انصاف ٿيڻ خلاف تلهار ۾ ماڇي برادري جي ماڻهن پاران بڙ چوڪ کان بدين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ،مين حيدرآباد بدين هائي وي تي احتجاجي ڌرڻو نعريبازي ، ان موقعي تي سُڌير احمد سولنگي ،نواز سولنگي ،بهاول ماڇي ۽ ٻين مظاهرين جو چوڻ هو  ته ٻه مهينه پهرين اسان جي نياڻي کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ،اسان جي نياڻي جو قاتل پ پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر ،بلڊر عمران پپي خواجه ۽ راجه ممتاز خواجه آهن کين گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس تيار ناهي پوليس صرف جاچ تائين محدود آهي اسان جي نياڻي کي سرعام ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو پي تنهن باوجود به اسان کي انصاف نه پيو ملي هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ،چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں