جنيوا ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن پاڪستان لاءِ 8.57 بلين ڊالر امداد جو اعلان

جينيوا ( م ڊ ) جنيوا ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن پاڪستان لاءِ 8.57 بلين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو ويو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن پاڪستان لاءِ 8 ارب ڊالرن کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن موجب يورپي يونين 93 ملين ڊالر، جرمني 88 ملين ڊالر، چين 100 ملين ڊالر، اسلامي ترقياتي بئنڪ 4.2 بلين ڊالر، ورلڊ بئنڪ 2 ارب ڊالر، جاپان 77 ملين ڊالر، ايشيائي بئنڪ 2.4 ارب ڊالر ، يو ايس اي جي امدادي اداري يو ايس ايڊ 100 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڊالر، فرانس 345 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو. مريم اورنگزيب موجب ان ڪانفرنس جو ٻيو دور به جلد شروع ٿيندو.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي بحاليءَ جو ڪاٿو ٽيهه ارب ڊالرز کان وڌيڪ آهي ۽ پاڪستان کي فوري طور نئين سر اڏاوت ۽ بحالي لاءِ 16 ڏهائي ٽي بلين ڊالرز جي ضرورت آهي. پاڪستان جي سربراهيءَ هيٺ سوئيٽزر لينڊ جي شهر جينيوا ۾ موسمياتي تباهڪارين سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي ۽ مدد لاءِ ڪانفرنس جاري آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي ۽ ٻوڏ لکين ماڻهن جي زندگي ڊانواڊول ڪري ڇڏي آهي، اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺا آهيون. هن چيو ته گذريل سال سپٽمبر ۾ يو اين سيڪريٽري جنرل سان گڏ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جو دورو ڪيو، پاڪستاني عوام انتونيو گوتريس جي سهڪار کي سدائين ياد رکندو، ڏُکي ويل ۾ عالمي برادري جي سهڪار تي به ٿورائتو آهيون. سندس چوڻ هوته ٻوڏ سبب آبادگارن، هارين کي سخت نقصان رسيو جنهن سبب خوراڪ جي کوٽ ڪر کنيو آهي، نئين سر اڏاوت سان گڏوگڏ ملڪي معيشت جي بحالي اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي، ٻوڏ سبب نقصان جو ڪاٿو ٽيهه ارب کان وڌيڪ آهي جيڪو پاڪستان جي جي ڊي پي جو اٺ سيڪڙو آهي. هن چيو ته پاڪستان آيل تازي ٻوڏ سبب ٽيٽيهه ملين ماڻهون متاثر ٿيا، انفراسٽرڪچر جي تباهي سبب معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. شهباز شريف چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيئي علائقا اڃا تائين ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي، اسان کي ٻوڏ متاثرن کي ٻيهر بحال ڪري سٺو مستقبل ڏيڻو آهي ۽ انهن جي بحالي لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو آهي، فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ لاءِ 16 ڏهائي ٽي بلين ڊالرز جي ضرورت آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں