دادوءَ ۾ نياڻي پروين رند جي سخت سرديءَ باوجود اٺين ڏينهن به بک هڙتال

دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو ۾ نوابشاھ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند پنهنجي چاچي علي نواز رند سان گذريل 8 ڏينهن کان تحفظ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاء دادو پريس ڪلب آڏو سخت سردي ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هڻي ويٺل، ان موقعي تي ڊاڪٽر پروين رند چيو ته گذريل 8 ڏينهن کان مسلسل انصاف لاءِ دادو پريس ڪلب آڏو ويٺل آهيان پر مونکي انصاف نه پيو ملي، مونکي نوابشاھ ميڊيڪل ڪاليج ۾ حراسان ڪندڙ ڊاريڪٽر غلام مصطفى راجپوت جي ضمانت رد ٿيڻ باوجود آزاد گهمي پيو ۽ دادو ۾ اسان مٿان حملو ڪرائي پيو، آئون نياڻي آهيان تعليم ۽ تحفظ منهنجو بنيادي حق آهي پر مونکي پنهنجي بنيادي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي جنهن سبب منهنجي تعليم گذريل 11 مهينن کان سخت متاثر ٿي رهي آھي،سندس چاچي علي نواز رند چيو ته سخت سردي ۾ دادو پريس ڪلب آڏو پنهنجي ڀائيٽي سان احتجاج ڪري رهيوآهيان  اسان انصاف لاءِ ڪالھ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو جتي ڊي ايس پي جوهي بشير احمد کوهارو نياڻي خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪري اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آھي شايد پاڻ نياڻين وارو نه آھي، ڊاڪٽر پروين رند پوليس رويئي سبب بلڊ پريشر لو ٿيڻ ڪري بيهوش ٿي وئي جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو سندس ويٽ گھٽجي ويو آھي ڊاڪٽرن کيس سوچڻ کان روڪي آرام جو مشورو ڏنو آھي. هوش ۾ اچڻ بعد ٻيهر بک هڙتالي ڪئمپ تي انصاف جي حاصلات لاءِ ويٺل آھي، ايس ايس پي تي دٻاءُ آھي جو اسان جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو دادو پوليس اسان کي مارڻ جا مخالفن کان پيسا ورتا آهن، اسان تي حملي جا سي سي ٽي وي ڦوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آھن، دادو ۾ سري عام غنڊن اسان جي گهر تي حملو ڪيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڀائيٽي کي حراسان ڪندڙ پوليس وٽ روپوش آهن، پوليس هٿ تي هٿ رکي ويٺل آهي، اسان صرف تحفظ ۽ ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، ٻئي طرف دادو ايس ايس پي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو نوٽيس وٺي هدايتون جاري ڪيون آهن،نياڻي جي تعليم ۽ تحفظ اهم آهي ان لاء سندس کي 2 پوليس اهلڪار مليل آهن نوابشاھ ايس ايس پي سان رابطو ڪري ڊاڪٽر پروين رند جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پڻ ڳالهايو آهي،پر بنا جاچ جي ڪنهن به شهري تي ڪيس نه داخل ڪبو نه وري بنا جاچ جي داخل ٿيل ڪيس ختم ڪيو ويندو، جاچ دوران ڪنهن تي به ڏوھ ثابت ٿيندو دادو پوليس فوري طور تي ڪيس به داخل ڪندي ۽ جوابدار به گرفتار ڪندي، ڊاڪٽر پروين رند نياڻي آهي سندس کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو ۽ هر ممڪن مدد ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں