راڌڻ ۾ اٽي جي کوٽ خلاف سنڌ هاري ڪميٽي جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

راڌڻ(پ ر)راڌڻ ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي، گلزار لاشاري، ڪامريڊ aaزاھد لاشاري، سڪندر سولنگي پاران سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ خلاف حسيني چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ۽ مھانگائي خلاف زوردار نعرا ھنيا ويا ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي، گلزار لاشاري، ڪامريڊ زاھد لاشاري ، سڪندر سولنگي خطاب ڪندي چيو ته افسوس جھڙي ڳالھ آھي سنڌ جا غريب مسڪين ماڻھو اٽو مھانگو ھئڻ ڪري  بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن ۽ غريب مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن ۽ اٽي جي لاءِ پنھجون حياتيون وڃائي رهيا آھن پر افسوس جھڙي ڳالھ آھي ته سنڌ جا وزير مشير عياشون ڪرڻ ۾ پورا آهن تازو ميرپور خاص ۾ اٽي جي لاءِ نوجوان پنھنجي حياتي وڃائي ويٺو جنھن جي ايف، آئي.آر مراد علي شاهه تي ڪٽي وڃي جڏھن ته سنڌ ۾ وري نوان صوبا ٺاهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ جيڪڏھن سنڌ جي وحدانيت تي ڪنھن بہ وار ڪيو ته اسين ھرگز اھو قبول نه ڪنداسين ۽ سنڌ جي حفاظت لاءِ سنڌ ھاري ڪاميٽي ڀرپور جدوجهد ڪندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں