سکر(بيورو رپورٽ) پنھنجن ساڃاهه وندن، سرجڻھارن کي ياد ڪرڻ ۽ انھن لاء گڏيل طور تقريب ڪرڻ وڏو عظيم فريضو ادا ڪرڻ برابر آھي. پنوعاقل جي زمين وڏي زرخيز رھي آھي، ھتان ناليوارا دانشورن اديبن شاعرن ۽ استادن جنم ورتو آهي، اھڙو اظھار مشھور اديب نعيم شيخ سنڌي ادبي سنگت شاخ پنوعاقل طرفان وڇڙي ويل سرجڻھارن جي سار ۽ مشاعري واري تقريب جي صدارت ڪندي ڪيو. ھن چيو ته سنڌ جي شھر پنوعاقل وڏا ادب دوست پيدا ڪيا جن مختلف شعبن ۾ نمايان نانءُ پيدا ڪيو، ھن وقت نوجوان اديبن کي گھرجي ته اھي پنھنجن بزرگ اديبن ۽ دانشورن جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاء ڪوششون ڪن ـ ان موقعي تي نُورالله، ملڪ فدا حسين فدا، پروفيسر سرور سيف سڪندر جتوئي، ۽ گل گنڃو ۽ ربنواز ميراڻي تقريرون ڪندي چيو ته ساڃاهوندن جي سار بي معني ناھي جن پنوعاقل جي شان وڌائي ۽ وڏو نالو پيدا ڪيو. انھن جي سار مانائتو قدم آھي ـ پنوعاقل واسين کي پنھنجي ماضيء کي آڏو رکي مستقبل جا فيصلا ڪرڻ گھرجن ـ ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر حسرن سارنگ ـ سکر جي ضلعي رابطا سيڪريٽري سردار پيرزادي صفر ڪلھوڙي بيخود بلوچ فضل انڍڙ ربنواز ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو ـ مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر خادم منگي ڪئي، خاص مھمان ضلعي رابطا سيڪريٽري گھوٽڪي سردار پيرزادو ھيا، اسد چاچڙ، ناصر طاھر جسڪاڻي، چاچڙ امداد جسڪاڻي، غفار ٿھيم امر ساحل جعفر عباس ڌاريجي رشيد ڌاريجي مجيد نواز مغل ۽ ٻين پنھنجي شاعري پڙھي ۽ داد حاصل ڪيو.
