سڪرنڊ ۾ جسقم جو، شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ هفتيوار احتجاج جاري

سڪرنڊ (رپورٽ: حاجي عبد الله مگسي ) سڪرنڊ شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران شروع ڪيل تحريڪ ” شهر ته آخر پنهنجو آ “ مسلسل ٽن مهينن کان جاري تحريڪ پاران هفتيوار احتجاج جي سلسلي ۾ اڄ به جسقم سڪرنڊ جي صدر ارباب سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي رستن ۽ بازارن تي ٿيل غيرقانوني قبضن ، کليل گٽرن ۽ گندي پاڻيءَ جي ناڪارا نظام خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ جي مين گيٽ اڳيان احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي جسقم جي خير محمد لاکو، قربان ٻنڀ ، مورڙو ميربحر ، برڪت جلباڻي ۽ ٻين ميڊيا سان چيو ته ٽائون انتظاميه ريڙھن ۽ صندلن وارن کان مبينه طور منٿليون وٺي کين غيرقانوني طور اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جنهن سان شهر جا رستا ۽ بازارون سوڙھيون ٿي ويون آهن. ماڻھو پنڌ به نٿا هلي سگهن. جسقم جي ٽن مهينن کان لاڳيتي احتجاج باوجود ٽائون انتظاميه ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته سول جج جي هدايتن تي به عمل نٿو ڪيو وڃي ٻئي پاسي شهر پڻ سڄو گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويو آهي گٽرن جا منهن کليا پيا آهن. هنن چيو ته مڇي، گوشت ۽ ڀاڄيون وڪرو ڪندڙن کي سبزي مارڪيٽ منتقل ڪري شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي اسان جو قبضا ختم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو. احتجاجي مظاهري ۾ جسقم ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں