لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ضلعي پاران اٽي ۽ تعليمي سهولتن جي کوٽ ۽ ٻوڏ متاثرن کي رليف نه ڏيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ضلعي آرگنائيزر لياقت علي عمراڻي، عبدالستار جاگيراڻي، محراب علي ڀٽو، ذوالفقار علي جوکيو، محمد سليم چنو، پروين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو اٽي جي کوٽ پيدا ڪري پورهيت طبقي کي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ڪيو ويو آهي جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو بکون ڪاٽي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن پر حڪمرانن کي ڪو رحم نه پيو وڃي. هنن چيو ته زرداري پارٽي جي 15 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت آهي پر ان جي باوجود ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن ۽ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو طرفان نائين ۽ ڏهين درجي جي شاگردن کان غيرقانوني فيس جي وصولي ڪري شاگردن ۽ سندن والدين کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن کي 5 مهينا گذري ويا آهن پر هن وقت تائين متاثر سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن جن کي رليف فراهم نه ڪري کين دربدر ڪيل ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ ختم ڪرڻ سان گڏ تعليمي بورڊ طرفان غيرقانوني امتحاني فيس وارو فيصلو واپس وٺي ٻوڏ متاثرن کي رليف فراهم ڪيو وڃي.
