نوابشاهه(ڊ ر) سڄي سنڌ جيان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اباڻي شهر نوابشاهه ۾ به مسڪينن ۽ غريبن لاءِ اٽو اڻ لڀ ٿي ويو آهي نوابشاهه ۾ وڏن واپارين سيٺين، پيڊي وارن، فلور مل ۽ چڪي مالڪن جي هڪ هٽي سبب اٽي جو في ڪلو 150 روپيا وڪامڻ لڳو آهي جنهن سبب ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور ۽ پورهيت طبقي جا ٻار ٻن ويلن جي مان کائڻ کان به محروم ٿي ويا آهن اهڙي اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ ضلعي انتظاميه جي مجرماڻي غفلت خلاف نوابشاهه جا غريب ۽ پورهيت روڊن رستن تي نڪري آيا آهن نوابشاهه ڀرسان ٽي واٽر جا رهواسي پورهيت مرد ۽ عورتون اٽو 150 روپيا في ڪلو ٿيڻ خلاف نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو انهي موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي عبدالمجيد مغيري، جعفر مغيري، علي قادر، جميلا، خاتون، خورشيده، رشيده، مجيده ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران اٽو 150 روپيا في ڪلو مهانگو ڪري غريب عوام جي وات مان ماني جو گرهه کسي ورتو آهي هنن چيو ته اسان پ پ جا ووٽر آهيون پ پ جو منشور آهي ته عوام کي ماني، ڪپڙا ۽ اجهو ڏيڻ پر هنن اهو ته پورو نه ڪيو پر هاڻ اسان غريبن کي ٻن ويلن جي ماني کائڻ به مشڪل ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته ضلعي انتظاميه اعلان ڪيو آهي ته نوابشاهه شهر ۾ شهرين لاءِ سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن اسان صبح جو سوير ٻچن سميت بنا ناشتي جي بُک ۽ اُڃ تي سستي اٽي جي تلاش ۾ نڪتا آهيون هن مهل تائين هڪڙو به سستي اٽي جو اسٽال ڏسڻ ۾ نه آيو آهي هنن چيو ته اسان پورهيت ماڻهو آهيون سڄو ڏينهن مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون پر هاڻ ته انهي مزدوري مان به اسان پنهنجي ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني به نٿا کارائي سگهون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اٽو سستو ڪري اسان کي بُک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي. جڏهن ته عورتن کي اکين ۾ لُڙڪ لڙي آيا.
