رشيد ڪليري
سنڌ جي مڻيادار مٽي سدائين کان املھ ماڻڪ پيدا ڪندي آئي آهي جن پنهنجي ڏاهپ ،فن ۽ قابليت جون ڏياٽيون ٻاري ڪيترن کي ئي دڳ لاتو.انهن مان يڪتاري چپڙي جو بي تاج بادشاھ جلال چانڊيو به هڪ هو.جنهن پنهنجي ڳائڻ واري مورچي تان سنڌ جي مارو ماڻهن جي دلين ۾ اجها جوڙيا. جلال خان ولد حاجي فيض محمد چانڊيو سن 1948 ڌاري ضلعي نوشهروفيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جي هٽ ۾ جنم ورتو.پاڻ مشهور عوامي راڳي هو .جلال چانڊيو جيتوڻيڪ ڪتابي تعليم حاصل ڪري نه سگهيو ،سندس مائٽ مال وند ماڻهو هئا، جنهن ڪري هن به ننڍي هوندي مال چاريو .شروع کان ئي کيس راڳ ڳائڻ جو شوق هوندو هو ۽ مال چاريندي ۽ کيت کيڙيندي ، ٺڪريون وڄائيندي جهر جهنگ ۾ پنهجي انداز سان ڳائڻ شروع ڪيو،جڏهن ته جلال چانڊيو جا وڏا موسيقيءَ جي رنگين دنيا کان واقف نه هئا. جڏهن ٿورو جلال وڏو ٿيو ته مائٽن کيس نوان جتوئي ۾ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو، جنهن کان پوءِ کيس اوچتوئي عشق جي چوٽ لڳي وئي ۽ هن درزڪو ڌنڌو ڇڏي ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جي باقائده سکيا ميرپور ماٿيلي جي مشهور راڳي فقير علي گل مهر کان ورتائين پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏجي ڳائيندو هو پوءِ استاد جي اجازت سان 1973 کان هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو .يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائڻ جي سندس نرالي انداز ٻڌندڙ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.ان وقت سنڌ جي ڳوٺن ۾ اردو ۽ پنجابي ڳائيندڙن جي تمام گهڻي مقبوليت هئي ، جلال جي انوکي انداز انهن غير سنڌي فنڪارن جي سنڌ مان پڄاڻي ڪري ڇڏي ، جنهن کان پوءِ مٿس شهرت،عزت ۽ دولت جي ديوي مهربان ٿي ۽ کيس سنڌ جي جهر جهنگ مان تمام گهڻي مقبوليت ملي ۽ اڄ کيس سنڌي موسيقيءَ جو بي تاج بادشاھ سڏيو وڃي ٿو.جلال چانڊيي کي راڳ جي ڄاڻ ته پوري پني هئي .پر سندس قسمت جو ستارو عروج تي هو ،راڳ ۾ جيتري شهرت کيس ملي ، ايتري وڏن وڏن گوين کي به نه ملي . هڪ ڏينهن استاد منظور علي خان جلال چانڊيو کي چيو ته اسان راڳ ڳايون ٿا ۽ تون ڀاڳ ڳائين ٿو .هن سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ انوکا رڪارڊ قائم ڪيا.جلال چانڊيو سنڌ جو اهو واحد سنڌي راڳي هو .جنهن جون ڳايل سنڌي ڪيسٽون اهي ماڻهو به ٻڌن ٿا جيڪي سنڌي ٻولي پوري طرح سمجهن ئي ڪونه ٿا .پاڪستان جي چئني صوبن کان سواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي جتي پاڪستاني رهن ٿا کيس ٻڌو وڃي ٿو.ويهين صدي ۾ ڪنور ڀڳت ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائي کان پوءِ جلال چانڊيو ئي سنڌ ۾ واحد عوامي فنڪار پيدا ٿيو ،جنهن ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ سنڌي راڳ کي ٻيهر اوج ڏياريو پاڻ پاڪستان جو پهريون فنڪار هو جنهن جي زندگي ۾ ئي سندس حياتي تي فلم ”جلال چانڊيو“ ٺهي. ان فلم ۾ هن پنهنجو رول پاڻ ادا ڪيو هو ۽ انهيءَ فلم لاءِ کيس ايوارڊ به مليو اڄ جا ڪيترائي فنڪار پنهنجا اصل نالا مٽائي سندس نالي پٺيان پاڻ کي ننڍو جلال ،آخري جلال ،گرم جلال ،۽ سهڻو جلال سڏرائي سندس آواز جو نقل ڪري ان جون ڳايل ڪافيون ۽ ڪلام ڳائي پيٽ گذر ڪري رهيا آهن جلال چانڊيو واحد سنڌي فنڪار هو جنهن جي آواز ۾ تقريبن پنڌرنهن هزار ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون هيون. ڪجھ ڪيسٽ ڪمپنيون ته الله جي آسري تي پر جلال جي آسري تي هلي رهيون هيون ڇاڪاڻ جو جلال جي هر ڪيسٽ هٿو هٿ کپي ويندي هئي .کيس جيڪڏهن ڪنهن شادي مرادي جي تقريب ۾ راڳ ڳائڻ لاءِ ڪو گهرائيندو هو ته ان لاءِ شادي جي تاريخ اڳواٽ جلال کان مقرر ڪرائڻي پوندي هئي .ڇو جو هو مهينن جا مهينا اڳواٽ محفلن لاءِ بڪ ٿيل هوندو هو .۽ پوءِ جڏهن پاڻ ان شادي مرادي تقريب ۾ ڳائڻ لاءِ پهچندو هو ته جلال جو ٻيڻا ٽيڻا غير دعوتي ماڻهو اچو نڪرن ۽ ميزبان لاءِ ماني کارائڻ ۽ هنڌ کٽولا ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو هو . ڪنهن ميلي ملاکڙي ۾ کلي طرح گهمڻ ڦرڻ به جلال لاء مسئلو بڻجي ويندو هو ڇو جو اهڙن موقعن تي سندس پرستار کيس گهيري ويندا هئا ۽ڪو ڪيڏانهن ڇڪيندو هيس ته ڪو ڪيڏانهن ۔ڪيئي ڀيرا اهڙي ڇڪتاڻ ۾ سندس ڪپڙا به ڦاٽي پيا ۽ رانڀونٽن لڳڻ سبب سندس بدن مان رت وهڻ لڳندو هو. جلال چانڊي جو حافظو به تمام سٺو هو اڻ پڙھيل هوندي به کيس نون پراڻن سون شاعرن جا هزارين ڪلام ڪافيون گيت ،غزل ،وايون ،بيت ۽ دوهيڙا ياد هئا اڄ جا اڪثر راڳي ڳائڻ مهل پنهنجي سامهون شاعريءَ جو ڪو ڪتاب يا ڪاپي کولي ويهندا آهن ۔پر جلال جڏهن به ڳائيندو هو ته دل جو دفتر کولي ويهندو هو جنهن مان پريت جا پنا پڙهندو هڪ ٻئي پويان ڪلامن ۽ ڏوهيڙن جي برسات وسائيندو وڃي پار پوندو هو،سندس ڳائڻ ۽ يڪتاري چپڙي وڄائڻ جو انداز به اهڙو من موهيندڙ هو جو موسيقي سان دلچسپي نه رکندڙ شخص به اگر کيس روبرو ڳائيندي ڏسندو هو ته ان جي دل جي به ڪيفيت اهڙي ٿيو وڃي جو سندس جسم جا وار ئي ڪانڊراجو وڃن، سندس آواز لچڪدار،وڻندڙ ۽ گهڻو هو،سندس آواز جو جادو گذريل 42 سالن کان ساڳي طرح اڄ به دائم ۽ قائم آهي. قداوار جسم،بت ۾ڀريل ويڪري ۽ سهڻي چهري تي ڪارانڀو ٿلها ۽ وڏا شهپر،مٿي تي هيرن سان جڙيل سنڌي ٽوپي،ڳچي ۾ وڏي پتلي سان سوني زنجيري،ٻانهن ۾ راڊو گهڙي پاتل ۽ سنڌي پوشاڪ ۾ ملبوس جلال چانڊيو جڏهن هڪ هٿ ۾ سنڌ جو قديم ساز يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ چپڙيون کڻي اسٽيج تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪندو هو ته ماڻهن سان گڏ پکي پکڻ وڻ ٽڻ جھومندي محسوس ٿيندا هئا ۽ مٿس پيئسن جي برسات وسڻ لڳندي هئي، هو ٺيٺ سنڌي موسيقي جو راڳي هو. جلال چانڊيو جي پيرن فقير سان به وڏي عقيدتمندي هئي شاهپور جهانيان جي مهدي شاهه کي پنهنجو مرشد ڪيائين ان کان سواءِ پنهنجي ڳوٺ جي ويجھو درگاهه نور شاهه سميت شاهه لطيف،قلندر شهباز،سچل سرمست،ڄام ڏاتار،۽ ٻين بزرگن تي حاضر ٿي وڏي چاهه سان ڳائيندو هو،پاڻ نهايت يار ويس،مهمان نواز خوش مزاج ۽ ٺهڪي ڦهڪي وارو جوان هو ڀلا گهوڙا ۽ مينهون ڌارڻ سندس محبوب مشغلو هو، جلال چانڊيو انهن ڳائڻن منجھان هو جن جي مڃتا کي ڏسي ريڊيو پاڪستان کين رڪارڊ ڪرڻ تي مجبور ٿيو جنهن زماني ۾ جلال ريڊيو ته آيو ان وقت فنڪار جو ريڊيي تي اچڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو هورڳو استاد ڳائڻا ئي اچي سگهندا هئا پر جلال چانڊي جي مقبوليت ڏسي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ان وقت جي پروڊيوسر شيخ غلام حسين کيس گهرايو ۽ ريديو جي ٻڌندڙن تائين پهچايو. جلال چانڊيواهو فنڪار هو جنهن کي عام ماڻهون به تمام گهڻو پسند ڪندا هئا پر پڙهيل ڳڙهيل کيس گهٽ پسند ڪندا هئا انهن جو چوڻ هو ته هن ڳائڻ ذريعي سماج کي ڇيهو رسايو آهي ان اعتراض وارا ماڻهون جلال کي گهٽ وڌ چوندا هئا، پر جلال کان وڌيڪ اگهاڙو راڳ ۽ فلمون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. جلال جي لاءِ هڪ ٻيو واقعو عرض ڪندو هلان ته ڪنهن دوست ٻڌايو ته ڪيناڊا ۾ ڪوسنڌي همراهه ٽيڪسي هلائيندو هو سو سنڌ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ وڏي آواز ۾ جلال جي ڪيسٽ وڄائي رهيو هو،کيس ٽريفڪ پوليس واري بيهڻ جو اشارو ڪيو،همراهه في الحال ته پريشان ٿي ويو ته الاهي ڪهڙي خطا ڪئي اٿم جو پوليس واري روڪيو آهي ڇا ڪاڻ ته اتي جي پوليس هتان جي پوليس وانگر ناهي جڏهن همراهه بيٺو ۽ پوليس واري کان پڇيائين ته ڪهڙي ڏوهه ۾ روڪيو اٿو ته هن کيس چيو ته توجيڪا ڪيسٽ وڄائي رهيو آهي اها ٻيهر وڄاءِ، سنڌي همراهه سمجھيو ته شايد هي به سنڌي آهي ۽ کائنس پڇيائين ته توهان سنڌي سمجھو ٿا؟ هن وراڻيو ته نه، پوءِ اوهان هي ڪيسٽ ڇو ٿا ٻڌو؟ پوليس واري جواب ڏنو ته جيتوڻيڪ مونکي اها ٻولي سمجھ ۾ نٿي اچي پر اهو آواز ۽ انداز اهڙو سريلو آهي جو ٻڌڻ تي دل چئي ٿي پوءِ سنڌي همراهه کيس اها ڪيسٽ سوکڙي ۾ ڏني. مطلب ته الله سائين جلال کي وڏي ڏات ڏني هئي جنهن سنڌ جي لوڪ رنگ کي سڄي دنيا ۾ مڃايو اهو ئي سبب آهي جوکيس ڪيترائي ايوارڊ جهڙوڪ شاهه لطيف ايوارڊ،قلندر ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا،جلال چانڊيو سنڌ ۽ دنيا جو اهو واحد فنڪار هو جنهن جي زندگي تي سندس نالي سان 1985 ع ۾ شاهه اسد فلم ٺاهي جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي. هڪ واقعو آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي اوپن ايئر ٿيٽر م پيش آيو .ثقافت کاتي پاران هڪ محفل ڪرائي وئي ،جنهن ۾ جڏهن ممتاز مرزا صاحب جلال چانڊي کي سڏيو ته پنڊال مان آواز اچڻ لڳا ته نه کپي نه کپي ،وڏو گوڙ ٿي ويو ، ماڻهو چوڻ لڳا ته جلال اسان جي سماج کي بگاڙيو آهي ، ممتاز مرزا صاحب سڀني کي ماٺ ڪرائي چيو ته اوهان کي شايد جلال جي خدمتن جي خبر ناهي ، هي اهو ماڻهو آهي ، جنهن سنڌ مان غير سنڌي ڪيسٽ ڪلچر جو خاتمو آندو ،ڇا اوهان مان ڪو اهڙوماڻهو آهي جنهن ايڏو وڏو ڪم ڪيو هجي ،مهرباني ڪري هن کي ٻڌو . جڏهن جلال آيو ۽ ڳائڻ شروع ڪيائين ته پنڊال تاڙين سان گونجڻ لڳو ،هڪ ڪلام ختم ڪيائين ته آواز اچڻ لڳا . ٻيو به ٻيو به جيڪي ماڻهو هن کي ڳائڻ نه پيا ڏين سي هاڻي کيس وڃڻ نه پيا ڏين. جلال چانڊي جي ايتري ته مقبوليت هئي جو ٽرڪن ۽ ٽينڪرن تي سندس وڏيون وڏيون رنگين تصويرون ٺاهيون وينديون هيون، ٿي سگهي ٿو ته هنيئر به اهي ڪٿي نظر اچي وڃن. سندس آواز ۾ ٿوري ڏڪڻي،گرج،۽ تيزي هوندي هئي هڪ ڀيري کائنس ڪنهن پڇيو ته سائين توهان ايڏو تڪڙو ڇو ٿا ڳايو؟ وراڻيائين ته جيڪڏهن ڪنهن جي گهر کي باهه لڳي ته ڇا هو هوريان هوريان وسائڻ لاءِ ويندو؟ ظاهر آهي ڀڄندو ۽ ڊڪندو ويندو منهنجي اندر ۾ عشق جي آڳ لڳل آهي جيڪا مون ۾ تيزي ۽ مستي پيدا ڪري ڇڏي ٿي. جلال چانڊيو کي سندس فني خدمتن جي عيوض ڪيترائي انعام اعزاز پڻ مليا .جن ۾ سنڌ سرڪار کان 1999 ع ۾ مليل لطيف ايوارڊ به شامل آهي. لاڙڪاڻي جي گوپانگ برادري طرفان کيس سونو تاج پارايو ويو، ڪيترائي ڀيرا دبئي،مسقط ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کيس خاص طرح سان اتي گهرائي، ساڻس محفلون مچائي کيس وڏن انعامن اڪرامن سان نوازيو. جلال چانڊيو 10 جنوري 2001 ع تي سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ گڙدن جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
