جينيوا (م ڊ) پاڪستان جي سربراهيءَ هيٺ سوئيٽزر لينڊ جي شهر جينيوا ۾ موسمياتي تباهڪارين سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي ۽ مدد لاءِ ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ گذريل سال تباهي مچائيندڙ ٻوڏ آئي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تباهڪارين جو ڪاٿو تمام وڏو آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ کي پنج مهينا گذري چڪا آهن پر اڃا تائين ڪيئي علائقا پاڻي هيٺ آهن، ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ نئين سر اڏاوت لاءِ ڪم جاري آهن. ترڪيا جي صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ جو منهن ڏسڻو پيو، ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني سرڪار ۽ عوام سان گڏ بيٺا آهيون. رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته پراميد آهيون ته ڪانفرنس ذريعي پاڪستان کي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي جي ازالي لاءِ مالي مدد ملندي.
