پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال تي ھڪ نظر

عبدالسميع وسير
پاڪستان ھن وقت ھڪ وڏي معاشي بحران جي ور چڙيل آھي ۽ انھي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ حڪومت ھن وقت تائين ڪو خاص انتظام يا فيصلو ڪون ڪري سگھي آھي. ھن وقت تائين پاڪستان کي مليل قرضن جي رقم130 عرب ڊالرز آھي، جنھن مان 73 عرب ڊالرز جو قرض، حڪومت کي 3 سالن ۾ ڏنو ويو.حڪومت پاران ھلندڙ مھيني ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 50 روپيو في ليٽر اضافي ڪرڻ جي به ڳالھ پڻ ڪئي وئي آھي ۽ 2 سالن دوران پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 80 فيسد اضافا ڪيا ويا، ان کانپواءِ ڊسمبر مھيني ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي اگھن ۾ به 33 فيسد واڌ ڪئي وئي اٽي جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو،سال 2022 ۾ پاڪستان کي دنيا جي پنج مھانگي ترين ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو .ايشين ڊولپمينٽ بينڪ(Asian Development Bank) پاران ڪجھ وقت پھريون اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي ته پاڪستان ايندڙ سال 2023 ۾ سخت معاشي خساري جو شڪار ٿيندو ۽ حڪومت کي به ان کان آگاھ ڪيو ويو. ماھرين جو چوڻ آھي ته پاڪستان ھن سال ھڪ تاريخي معاشي بحران جو شڪار ٿيندو ۽ پاڪستاني معاشت ھن سال 2 فيسد تائين ڪرندي ۽ منفي درجي تائين به وڄي سگھي ٿي. ھلندڙ سال عوام مٿان لاڳو ٿيندڙ ٽيڪسن ۾ ھن وقت تائين 28 فيسد اضافو ڪيو ويو آھي. ھڪ انٽرويو دوران پاڪستان جي اڳوڻي نگران فائينانس منسٽر سلمان شاھ جو چوڻ ھو ته حڪومت کي گھرجي ته ھو آئي ايم ايف کي ڏنل وڌيڪ 6.5 عرب ڊالرن جي عرضي واپس وٺن نه ته ٻي صورت ۾ ان جا اثر تمام خراب نڪرندا ۽ ھن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت وٽ ڪا به اھڙي حڪمت عملي موجود نه آھي جنھن سان ھي عوام کي ھن معاشي بحران کان باھر ڳڍي سگھي.ھن سال ۾ ڪيترا ئي ڪاروباري پنھنجا ڪاروبار ختم ڪن ٿا ڇو ته ڊالر جي اگھن ۾ واڌ ۽ شين جي درآمد ۾ روز اضافو ٿئي پيو ۽ 2023 ۾ پاڪستان وٽ گھڻن شين جي کوٽ ٿيندي. پاڪستان جي حڪمرانن پاران ملڪي ترقي ۽ عام عوام کي رليف ڏيندڙ منصوبا اڄ به صرف ڪاغذن جي حد تائين آھن،اڄ به اسان جي ملڪ جي عوام ٻن وقتن جي ماني لاءِ پريشان آھي ٻيو بنيادي سھولتون ته پري جون ڳالھيون آھن. ھن ملڪي نظام ۾ غريب روز غريب ٿو ٿيندو وڄي ۽ سرمائيدار طبقو اڄان به مضبوط ٿيندو ٿو وڃي، حڪمران طبقو صرف ھڪ ٻي تي تنقيد ڪرڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ويٺل آھن عام عوام جو درد کين محسوس ئي ڪون ٿو ٿئي. ھاڻ فيصلو عوام جي ھٿن ۾ آھي ته ھو ڪنھن متبادل نظام طرف اچن جنھن ۾ اقتدار جي جنگ نه پر عوام جي حڪن جي جنگ وڙھي وڃي، جنھن ۾ ڪو ٻن وقت جي ماني لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پريشان نه ھجي ۽ اسان کي به اھڙو ئي نظام گھرجي جنھن ۾ اقتدار ڪنھن جي جاگير نه ھجي.اگر پاڪستان جي عوام پنھنجي لاءِ متبادل نظام نه ڳوليو ته ھتان جي عوام ھن وقت به ھڪ مھري جيان استعمال ٿيندي جيئن ھو ماضي ۾ ٿيندي آئي آھي،اسان جي عوام کي گھرجي ته ھو سجاڳ ٿين ۽ ھن ڳالھ کي سمجھن ته ھي ڪرپٽ حڪمران ڪڏھن به اسان جا خيرخواه نٿا ٿي سگھن. انھن حڪمرانن جا ھر اختلاف ذاتي اختلاف آھن ۽ عام عوام کي صرف ڪوڙن نعرن تي مھرن جيان وقت اچڻ تي استعمال ڪيو ويندو آھي. ان ڳالھ جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪجھ مھينا پھريان پي ڊي ايم پاران مھنگائي مارچ ڪيو ويو ھو ۽ ھاڻ جڏھن مھنگائي آسمانن تائين وڄي پھتي آھي ته اتي مھنگائي تي روئڻ وارا چپ آھن مارچ ته پري جي ڳالھ پر ڪو بيان ڏيڻ لاءِ به تيار ناھي. انھن جا سڀ مارچ،ھڙتالون،تقريرن ۽ نعرا صرف اقتدار تي اچڻ جا بھانا ٿيندا آھن ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ ساڳي عوام کين وسري وڄي ٿي جيڪا انھن جي ڪوڙن وعدن تي يقين ڪري پنھنجو ووٽ ڏئي اعلٰي عيوانن ۾ پھچائي ٿي. ھاڻ اسان جي ملڪ جي عوام کي به انھن ڪرپٽ سرمائيدارن ۽ اقتدار جي پڄارين کي وسارڻ گھرجي نه ڪي وري آزمائڻ گھرجي ۽ پنھنجي لاءِ ڪو متبادل نظام جي گھر ڪرڻ گھرجي ۽ اھڙن ماڻھن کي عيوانن تائين پھچائن جيڪي توھان ۽ اسان مان ئي ھجن جيڪي عام عوام جي درد کي سمجھن ڇو ته عام عوام ئي ھڪ ٻي جي تڪليفن کي چڱي ريت سمجھي سگھي ٿي نه ڪي ھي اقتدار جا پڄاري.اھي حڪمران اسان کي ڪوڙن واعدن کانسواءِ ڪجھ به نه ڏنو آھي ۽ ناھي انھن مان ڪا چڱائي جي اميد رکجي سگھي ٿي اھي صرف عوام کي ڪوڙا خواب ٿا ڏيکاري سگھن جن جي تعبير نه ڏھن ٿي آھي ۽ به ئي ٿيئڻي آھي.ھاڻ فيصلو عوام جي ھٿن ۾ آھي ته ھو پنھنجي لاءِ ڪھڙو رستو اختيار ڪري ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں