ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشورو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل يو سي 23 جي آزاد اميدوار عاشق علي جوڻيجو جي مان ۾ حاجي رحيم بخش قريشي جي ميزباني هيٺ پير باجدي شورا ڳوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ جوڻيجا برادري جي معزز رستم علي جوڻيجو, نادر علي جوڻيجو, برڪت علي جوڻيجو, محبوب علي جوڻيجو ۽ محمد سکيل جوڻيجو سميت مختلف برادري جي معززن وڏيرو فقير محمد شورو, رئيس نصرت حسين چانڊيو, سيد قائم الدين شاھ, علي شير لاکير, رفيق احمد سولنگي ۽ شهنواز علي عمراڻي سميت يو سي 23 جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري آزاد اميدوار عاشق علي جوڻيجو تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ڀرپور حمائت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي آزاد اميدوار عاشق علي جوڻيجو ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته يو سي 23 جي عوام جيڪو اسان کي مان ڏنو آهي ۽ اسان جي آجياڻي لاء شاندار ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون آهن ان سان اسان جي مخالفن جون وايون بتال ٿي ويون آهيون, اقتداري ڌر طرفان بار بار اليڪشن ملتوي ڪرائڻ سبب ڪيترائي آزاد ۽ اتحادين جا اميدوار هٿ کڻي ويا پر آئون پنهنجي يو سي جي عوام جي ڏنل محبتن سبب ثابت قدم بيٺو آهيان ۽ انشاالله عوام جي طاقت سان اليڪشن کٽي به ڏيکارينداسين, هنن چيو اقتداري ڌر جنهن ٻوڏ ۽ برساتي سيلاب دوران عوام کي بي گهر ۽ بکن تي اڪيلو ڇڏي ڏنو اڄ ان ئي اقتداري ڌر جا اميدوار وري عوام وٽ ووٽ لاء اچن ٿا, هن چيو ته اسان جو ڳوٺ پير باجدي شورا ڳوٺ قديمي ڳوٺ هجڻ باوجود اڃان تائين بنيادي سهولتن پاڻي, گئس, ڊرينيج نظام ۽ روڊ رستن کان محروم آهي اقتداري ڌر جي ماڻهن هتان جي عوام کان ووٽ وٺي وڃڻ کانپوء هتان جي عوام کي وساري ڇڏيو تنهن ڪري هن ڀيري اقتداري ۽ اتحادين کي يو سي 23 مان شڪست ئي نصيب ٿيندي.
