ڪنڌڪوٽ(ڊر)ڪنڌڪوٽ 2 ھفتا اڳ بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ حمل جکراڻي ۾ قتل ٿيل ڌڻي بخش جکراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارث عورتن مردن مٺل،الله ڏيوايو جکراڻي جي اڳواڻي ۾ قرآن پاڪ کڻي ايس ايس پي آفيس جي مک گيٽ آڏو جوابدارن ڪرمان،اعظم الدين،ڄام جکراڻي جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي قاتلن کي سخت سزا ڏيارڻ جون التجائون ڪيون.بخشاپور پوليس جي ڪوتاھي خلاف سخت نعري بازي ڪندي ھنن چيو ته مذڪوره جوابدارن زمين ڦٻائڻ جي ڪري بي گناھ ڌڻي بخش کي قتل ڪري ڪارنھن جو ڪوڙو الزام مڙھيو ۽ بخشاپور پوليس جوابدارن کان رشوت عيوض ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪيو آھي اسان انصاف لاءِ ايس ايس پي جي گيٽ آڏو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو ۽ اسان کي ايس ايس پي سان به ملڻ نه ڏنو ويو ھنن چيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
