اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ غير حاضري تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهيءَ ۾ 4 رڪني بئنچ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن پارٽي اڳواڻن ۽ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جون حاضريءَ کان ڇوٽ واريون درخواستون به رد ڪندي ٽنهي جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
