دادو(ڊ ر) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو خلاف ڏنل درخواست واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي عدالت ۾ ٿي عدالت ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته پر اميد آهيون ته سڀني جوابدارن کي سزائون ملنديون ايس ايڇ او کي ملوث قرار ڏئي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي واقعو ڪرائڻ ۾ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ملوث رهيو آهي، هن ڪيس ۾ ٽائيم ضرور لڳو آهي پر الله جي ذات وٽ دير آهي انڌير ناهي.
