اڏيرولال ۾ مهانگائي ۽ سستي اٽي جي اسٽالن تان من پسند ماڻهن کي اٽو ڏيڻ خلاف شهرين ڌرڻو

اڏيرولال(ن س) اڏيرولال ۾ به مسلسل وڌندڙ مهانگائي، سستي اٽي جي لڳندڙ اسٽالن تان من پسند ماڻهن کي سستو اٽو ڏيڻ خلاف شهرين جي سڏ تي يوٿ سٽي اوڏيرولال اسٽيشن، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جا اڳواڻ روڊن تي نڪري آيا، ضلعي انتظاميه مٽياري ۽ فوڊ کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن اعجاز خشڪ، فرقان درس، يارمحمد ابڙو، ذوالفقار سهتو، علي زرداري، جاويد خاصخيلي، راجا رفيق ڇٽو، درياهه خان، مرتضيٰ بڙدي، حنيف ڪيريو، خالد بڙي ۽ ٻين چيو ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پاران هڪ نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو آهي ته اٽوفي ڪلو  75 رپيا ڪيو ويو آهي پر ان تي چڪي مالڪ عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن ڪري غريب ۽ پورهيت طبقو فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته اوڏيرولال اسٽيشن ۾ ڪافي اهڙيون فلور ملز آهن، جن کي سرڪار طرفان هر مهيني ڪڻڪ فراهم ڪئي وڃي ٿي، پر اهي سرڪاري اگهه تي اٽو ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ فوڊ کاتي پاران سستو اٽو اهڙن بااثر ماڻهن جي حوالي ڪيو پيو وڃي، جيڪي صرف من پسند ماڻهن ۽ ڳوٺن ۾ اٽو ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته  غريب  پنج سو رپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿو جنهن مان هو اٽو وٺي، کنڊ وٺي، ٻارن جو علاج ڪرائي يا ٻيون ضرورتون پوريون ڪري. هنن چيو ته سنڌ حڪومت صرف سکڻا اعلان ڪري ٿي پر ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته اوڏيرولال اسٽيشن ۾ هٿرادو مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي. هنن چيو ته ضلعي انتظاميه وزٽ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا آفيسن تائين محدود ٿي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته اوڏيرولال اسٽيشن ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙ دڪاندارن ۽ چڪي مالڪن سميت سرڪاري اٽو من  پسند ماڻهن کي ڏيندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں