خيرپور ناٿن شاهه(رپورٽ: محمد فراز سوڍر ) خيرپور ناٿن شاھ ۾ اٽي جي وڌنڌڙ اگھن جي خلاف ايس ٽي پي پاران ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سچل پريس ڪلب جي اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھري ۾ شھر جي سياسي سماجي مزدورن ۽ شھرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙن فقير علي حسن جانوري ، عزيز جمالي، سڪندر کوکر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور ناٿن شاھ ۾ ٻوڏ کانپوءِ شھر ۾ روزگار جا ذريعا مڪمل تباھ ٿي ويا آهن ڏھاڙي تي ڪمائيندڙ پورهيت بک بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن ٻئي طرف حڪومت طرفان غريب ماڻھن کان ماني ٻه کسي ورتي آهي اٽي جي وڌنڌڙ اگھن پورھيت طبقي جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته پاڪستان ۾ صرف سنڌ اندر اھا ناانصافي آهي جيڪا نه ٿيڻ گهرجي. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اٽي جي اگھن ۾ لاٿ ڪري پورھيت غريب ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي ته جيئن ھو پنھنجن ٻچن کي ٻه وقت کاڌو کارائي سگھن.
