دادوءَ ۾ صحت کاتي جي ملازمن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽوڪن هڙتال

دادو(ڊ ر) گرينڊ هيلٿ الائينس سنڌ جي صحت کاتي ملازمن جي  گڏيل اتحاد  طرفان ٻئين ڏينهن به سول اسپتال دادو سميت ضلعي جي  ننڊين اسپتالن جي عملي طرفان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي 2 ڪلاڪ او پي ڊي بند ڪري ٽوڪن هڙتال ڪندي،ضلع دادو جي اڳواڻن راجه رفيق پنهور۔ نثار احمد لاشاري۔ امان الله پنهور۔۔محمد آچر پنهور ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت جي سينئير صوبائي وزير سيد ناصر علي شاھ جي سربراهي جوڙيل ٻين وزيرن پاران  صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي قيادت سان ڪيل ڳالهيون هن وقت تائين ڪو به نتيجو نه ڏئي سگهيون آهن  جنهن ڪري صحت کاتي ۾ ڪم ملازم هڪ دفعو ٻيهر اسپتالن اندر احتجاج ڪرڻ تي مجبور آھن اسان سنڌ حڪومت جي اهڙي عمل جي سخت مذمت  ڪريون ٿا،مطالبا  منظورڪري ملازمن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں