ٽنڊوآدم ( ن س ) سنڌ جو ناميارو اداڪار ذاڪر حسين بلوچ مختصر علالت بعد 61 ورھين جي ڄمار ۾ ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو جنھن کي سوين آلين اکين سان ٽنڊوآدم ۾ درگاھ سيد ابراھيم شاھ لڳ قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو مرحوم جي آخري رسمن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، فنڪارن، صحافين . مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحوم بھترين مزاحيه اداڪار ھو جنھن اسٽيج ڊرامن سان گڏ سنڌي فلمن ۾ به اداڪاري ڪئي کيس بھترين پرفارمنس تي ڪيترائي مڃتا ايوارڊ مليا ھن سڄي زندگي فن جي خدمت ڪئي ۽ ڪيترائي يادگار ڪردار ادا ڪيا سندس وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آھي جيڪو صدين تائين نه ڀرجي سگھندو دعا آھي الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاء عطا فرمائي .
