ڪراچي (پ ر) سنڌ جي تاريخي دستاويزن ۽ تاريخي ماڳن توڻي شين کي محفوظ ڪرڻ خاطر اهم فيصلا، سنڌ جي قديم تاريخ ۽ تاريخي مواد توڻي دستاويزي ريڪارڊ محفوظ ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ کڻڻا پوندا. سنڌ جي وڏي وزير جي آرڪائيز بابت صلاحڪار طارق حسن جي صدارت ۾ ٿيل هڪ ميٽنگ ۾ پڻ فيصلاڪيا ويا. ميٽنگ آرڪائيز کاتي جي هيڊآفيس ۾ ڪئي وئي. جنهن ۾ آرڪائيز کاتي جي انتظاميه پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي آرڪائيز بابت صلاحڪار طارق حسن چيو ته اسان کي خوشي ٿي آھي ته اسان کي اھڙي کاتي جو قلمدان مليو آھي جنهن ذريعي سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪري تاريخي ڪم ڪري ڪري سگهجي ٿو. ميٽنگ ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته سنڌ جي تاريخي، سرڪاري توڻي دستاويزي ريڪارڊ جو سرڪاري طور ته محفوظ ڪرڻ وارو ڪم ضرور ڪبو پر سنڌ جي تاريخي طور پرائيوٽ ماڻھن درگاهن ،گادي نشينن وٽ يا مختلف ماڻھن جي ذاتي لائبررين ۾ سنڌ جي ثقافتي، سياسي، تاريخي، علمي ادبي، توڻي مختلف رخن کان دستاويزي خط ۽ نوادراتي ريڪارڊ کي مدد طور وٺڻ جو پڻ طئي ڪيو ويو آھي يا انهن جي سهڪار سان پڻ اتي محفوظ ڪري ان ريڪاڊ کي تاريخ جو ريڪارڊ طور حصو بڻايو وڃي. هوڏانهن مخدوم آف کهوڙا مخدوم نديم سان مخدوم عبدالرحمان لائبريري ۽ سندس تاريخي دستاويزي ۽ نوادراتي ريڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿيون. جنهن تي مخدوم نديم رضامندي ڪندي آرڪائيز کاتي سان سندن تاريخي دستاويزن کي محفوظ ڪرڻ ۽ تعاون ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو ۽ چيو ته مان صلاحڪار آرڪائيز طارق حسن جو مشڪور آھيان. ان موقعي تي طارق حسن صوبائي صلاحڪار آرڪائيز مخدوم نديم جي تعاون ۽ سهڪار تي ٿورا مڃيا.
