ڪراچي (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي، اڄ به سنڌ ۾ غريب ماڻهن کي 65 روپيا في ڪلو اٽو ڏئي رهيا آهيون. ڪراچي ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا ۽ فلور ملز مالڪن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، شرجيل ميمڻ چيو ته اٽي جو بحران سموري ملڪ ۾ آهي، سنڌ واحد صوبو آهي جتي اٽو 65 روپيا في ڪلو ملي ٿو. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته فلور ملز جي لاءِ ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائي وئي آهي، صوبائي وزير پاران ميرپورخاص ۾ اٽو وٺڻ دوران فوت ٿيل پورهيت هرسنگ ڪولهي جي وارثن لاءِ 10 لک روپيا معاوضي جو اعلان ڪيو ويو. فلور ملز اونرز جي اڳواڻ چوڌري يوسف چيو ته سنڌ ۾ 65 کان 95 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪراچي ۾ سموري ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سستو اٽو ملي رهيو آهي، ڪڻڪ جي کوٽ نه ٿيندي ته اٽو به مهانگو نه ٿيندو. ٻئي طرف حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جي انتظاميا اَٽي جو سرڪاري اگهه 75 رُپيا في ڪلو مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ضلعي انتطاميا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب چڪين ۽ فلور ملز تي في ڪلو اٽو 75 رُپيا وڪرو ڪيو ويندو. ان کانسواءِ اسسٽنٽ ڪمشنرز، مختيار ڪار ۽ خوراڪ کاتي کي مقرر اگهه تي اٽي جي وڪري کي يقيني بڻائڻ جي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي تي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن اسٽالز تي هاڻ ڏهه ڪلو اَٽي جو ٿيلو 650 رُپين ۾ ملندو.
