شهري سياست ۽ بلدياتي نظام

رياض ابڙو
اهو ته پراڻو بحث آ ته جيڪي به سياسي پارٽيون آهن انهن جو جنم گھڻي ڀاڱي يا ته ڊڪٽيٽرن جي ناانصافي جي ڪري ٿيو آ يا ٿيندو رهيو آ، يا اهي سياسي پارٽيون ڄميون ئي اسٽبلشمينٽ جي هنج ۾ آهن يا انهن جي ڇانوَ ۾ هلنديون به رهيون آهن، يا انهن کي آرمي جا آشرواد به حاصل رهندا آِيا آهن، نه ته جيڪي نڌڻڪيون سياسي پارٽيون هجن ٿيون انهن جو ڪو اوهي واهي ناهي هوندو ان ڪري اهي اقتدار جا مزا به نه ٿيون ماڻي سگهن نه ڪڏهن حڪومتون ٺاهي سگهن نه ڪڏهن حڪومتون ڊاهي سگهن، يا اتي ان بحث ۾ قومپرست ڌرين جو به ذڪر ڪندا هلون ته اهي لساني پارٽيون جيڪي اسان جي صوبي ۾ متحرڪ يا ستل آهن يا جيڪي لساني پارٽيون ملڪ جي ٻين صوبن ۾ آهن يا اهي پنهنجو ڪم ڪنديون رهن ٿيون يا اهي ڪهڙي طرح به اقتدار ۾ رهن ٿيون، يا اهي عسڪري قوتن سان به ٺاهي جوڙي رکن ٿيون اهي لساني پارٽون انهن اسٽبلشمنيٽ جي ادارن سان ناتا جوڙي به رکن ٿيون، پر رهيون رڳو اسان واريون لساني جماعتون جيڪي ڪنهن کاتي ۾ ئي ناهن يا نه ”اوري نه اڳي“ ان ڪري هتي هڪ ڳالھ ڪرڻ جائز آ يا ٺهي ۽ ٺهڪي ٿي ته اسان ماڻهن کي قومپرستي جو نالو ڏئي هنن اسٽبلشمينٽ وارن پُڇ ٻڌي مهري ڪري ڇڏيو آ، ان ڪري ته ائين ڪرڻ سان انهن ڊاميننٽ ادارن جي لاءِ آسان رهندو آيو ته اسان کي رڳو اهو چئي هر شيءِ کان پاسي تي رکن ته “توهان قومپرست آهيو“ ۽ ان بهاني نه اسان کي ڪنهن وفاقي نوڪريءَ ۾ کڻن، نه اسان جي اسيمبلين ۾ ڪا دانهن ڪوڪ ٻڌن، نه اسان کي ڪا سينيٽ ۾ لفٽ ملي نه اسان جو قومپرست ڪنهن وفاقي ڌارا جي سياست ڪري سگهي، نه اسان کي ڪنهن اسٽبلشمينٽ جو پارٽ سمجهن، نه اسان کي فوجي اعلي عهدن تائين رسائي ڏين، ان ڪري جو اسان (نالي) جا قومپرست آهيون، ڇو ته اهي اسٽبلشمينٽ وارا اها ڳالھ ڀلي ڀت سمجهن پيا ته جي اهي اسان سان گڏ ويٺا ته پاڻي جي ورڇ جا فارمولا اهي هلائيندا ۽ اسٽبلشمينٽ جو حصو ٿي ويندا، ارسا انهن جي هٿ ۾ هوندي، فوجي عهدا جي انهن وٽ آيا ته اهي ڪي ئي ذولفقار ڀٽا ۽ جيئم سيد پيدا ڪري وٺندا، ان ڪري انهن جي سياست کي قومپرستيءَ جو وَٽُ چاڙهي ڇڏجي ۽ انهن سنڌيت ۾ اهڙو ته ڦاسائي ڇڏجي جو ڪي ڏهاڪا ياد ڪن، ان ڪري اهري احساس محروميءَ نه ڪڏهن اهي اين ايف سي ايواڊ جي ڳالھ ڪندا، نه اهي پنهنجا ئي وڏا شهر ”ڪليم“ ڪري سگهندا، نه انهن پنهنجن وڏن شهرن ۾ ڪا لساني، صوبائي يا وفاقي سياست به ڪري سگهندا، پوءِ جڏهن ”ڊسيشنل پاور“ يا فيصلي واري طاقت ۾ ئي نه هوندا ته پوءِ وفاق ۾ انهن جي ڪير به نه ٻڌندو، اهي قابض صوبي جي تسلط هيٺ پيا روئندا رهندا، اسٽبلشمنيٽ جا طاقت ور هٿ اهي نه هوندا يا حڪومتن ڪيرائڻ ۽ ٺاهڻ ۾ انهن جو هٿ ئي نه هوندو، انهن کي خبر ئي نه پوندي ته جهرڪي جڏهن اڏي ٿي ته گھڻا پرَ ٿي هڻي، ان ڪري اهي ڳوٺاڻي سياست ۾ ڦاٿا پيا هجن، اهي سڄو ڏينهن صوبي جي نالي ماتر سياست ڪندا وتن، پنهنجي پاڻي جي حقن جي لاءِ رڙيون ڪندا وتن، اهي ڪڏهن بحريا ٽائون جو روڄ راڙو ڪن، ڪڏهن ٻيٽن جي نالي پيا روئن يا ڪڏهن احساس محرومي جون دانهون ڪن، ان ڪري اهي ائين ئي مڙئي نالي ماتر قومپرست ئي ڀلا آهن.
يا اتي وري اها ڳالھ ڪيون ته هيل تائين جيڪي به بلدياتي سسٽم جڙيا آهن (يا کڻي هلي به پيا هيا) اهي ته ڊڪٽيٽرن ان ڪري آندا يا ڏنا يا هلايا جو بين الاقوامي برادريءَ کي اهو ڏيکارڻو هين ته اهي عوامي سپورٽ سان مٿي آيا آهن يا اقتدار کي ائين ناهن چنبڙيا پوءِ ان ۾ ڀلي جنرل ايوب جو دور هجي يا جنرل ضياءَ جي ڪاري دور جي ڳالھ ڪيون يا مشرف جي دور جي ڳالھ ڪيون ته اهي سڀ دور ان ڳالھ جا محتاج هيا ته انهن کي اهڙو سگهارو سهارو ملي جنهن ۾ اهي انٽرنيشنل ڪميونٽيءَ کي ڏيکاري سگهن ته انهن کي عوام جي سپورٽ حاصل آهي ۽ اهڙو ڪو عوامي طبقو آهي جيڪو اليڪشن جي ذريعي چونڊجي مٿي آيو آ، ان ڪري ته جيڪي به اهي ٽئي ملڪ جا ايگزيڪٽو بڻجي ويٺا هيا انهن کي ان ڳالھ جي اشد ضرورت هئي ته انهن کي ڪير چونڊي يا اليڪشن جي ذريعي اهي ثابت ڪن ته انهن کي ووٽ ڏيڻ وارا ڪنهن صورت يا هر صورت عام ماڻهو آهن ان ڪري انهن کي صدر رهڻ ڏنو وڃي ته اهي ڀلي يارنهن يارنهن سال حڪومت ڪن پوءِ ڀلي عوام جي ڀلي ۾ جي جهاز ڦاٽي يا ڪا ٻي صورت بڻجي آئي جو اهي ڪرسي ڇڏي ڀڄي ويا، ۽ هاڻي اهي ماڻهو، سياستدان، اڳواڻ، عسڪري ڌريون اهو ثابت ڪن ته انهن ڊڪٽيٽرن جي دورن ۾ بلدياتي نظامن تحت ڪهڙيون کير ۽ ماکيءَ جو نديون وهي هليون هيون جيڪي هاڻي صوبائي سسٽم ۾ يا وفاقي سسٽم ۾ ممڪن ناهن، يا هاڻي صوبائي ۽ وفاقي وزير يا ايم پي اي ۽ ايم اين اي نه اهي ڪم يا عوامي خدمت نه ٿا ڪري سگهن، پوءِ ايترا ماڻهو جي چونڊجي به اچن ۽ هر ڀيري ناڻي جا 42 يا کڻي ڳچ ارب رڳو اليڪشن تي خرچ ٿيندا رهن ته ته پوءِ عام ماڻهن جا ڪم ۽ خدمت ڪڏهن ٿيندي؟.
زلزلو ٿو اچي يا جڏهن ٻوڏ ٿي اچي ته ماڻهو بي يارو مددگار رهجي ٿا وڃن، انهن جي مدد جي لاءِ نه ئي ڪو ڊزاسٽر مينيجمينٽ جو ڪو عمل هجي ٿو، نه ڪو فلاحي ادارو ٿو هجي نه وفاقي ادارا ۽ نه ئي صوبائي ادارا هجن ٿا نه ئي ڪو بلديات جو عملو آ نه ئي ڪا اهڙي فورس آ جنهن جي آسري ماڻهو سمجهي ته اهي انهن انهن زلزلي ستايل ماڻهن کي بچائيندا يا اهي انهن ٻوڏ ۾ لڙهيل ماڻهن جو ڀرجهلو ٿيندا، ان ڪري جي حڪومت اها آهي ۽ ادارا اهي آهن ته پوءِ چونڊيل نمائندن جي ڪهڙي مدد ليکي ۾ آڻيون جو چئون ته اهي ڏکئي وقت ۾ غريب ماڻهن جي مدد جي لاءِ پهتا يا انهن اڳوڻن غريب ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچايو، ان ڪري ڳالھ وري ساڳي رهجي ٿي وڃي ته اليڪشن شين جو حل ناهي، يا ساڳي زمري ۾ اها ڳالھ به فٽ ٿا ڪيون ته انڪم سپورٽ به ڪنهن به طرح معاشي معاون ناهي ان ڪري پني کائيندڙ قوم معاشي بدحالي ۾ پنهنجو ڪهڙو حصو ڳنڍي سگهندي ۽ نه ئي ڪو معاشي بحالي ۾ ڪا معاون ثابت ٿيندي، ساڳي ڳالھ سسٽم سان به جوڙي سگهجي ٿي ته سسٽم پختا ۽ پڪا ۽ ايماندار ڪجن، يا رڳو قانون ٺاهڻ يا قانون ساز اسيمبلين مان قانون پاس ڪرائڻ به حڪومت يا جمهوريت جي پاسداري ناهي، سيننٽ يا قومي اسيملبيءَ جهڙا ادار ڀلي آمريڪا ۾ هجن پر اتي ٽي ٽي دفعا يا سڄو سال اليڪشن ناهي ٿيندي يا مئلن جي سيٽ ڀرائي جي لاءِ وري ٻيهر اليڪشن يا ڪا ٻئي فنشا، پر اتي چئن سالن ۾ هڪ دفعو ئي اليڪٽرول ڪاليه جي ٿرو اليڪشن ڪرائي انهن بايوميٽرڪ سسٽمن مان يا بيلٽ باڪس مان جان ئي ڇڏايون ويٺا آهن پر اسان وٽ شين جا تماشان الاهي سارا بڻجي ٿا وڃن جنهن مان جمهوريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ تان روح ئي کڄي ويو آ ان ڪري ته آهن سڀ ساڳا، سسٽم سڀ ساڳا پراڻا رڳو اليڪشن جا ٺاٺ ٺانگر نوان.
ان ڪري رڳو اليڪشن ڪڏهن وفاقي، ڪڏهن صوبائي، ڪڏهن بلدياتي، ڪڏهن ضمني ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي معني مذهبي رسومات وانگي اليڪشن جو به ميلو متو پيو هوندو آ پر ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري ان ڪري اهي سڀ قسمن جون چونڊون به رڳو پنهنجي پنهنجي پارٽي جي ماڻهن جو نوڪريون پڪيون ڪرڻ آ ته هيٺين ليول کان مٿين ليول تائين پنهنجن پنهنجن ماڻهن جو نوڪريون پڪيون ڪيئن ڪجن ۽ ان ساڳي فارمولي تحت وري اهي ووٽ بئينڪ به پڪا ڪجن ۽ سڏجي ته جتان صوبائي کٽي سگهجي ٿي اتان پوءِ وفاقي به آسان آ يا ڪٿي مشڪل يا اتان بلديات جي چونڊن ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون اينديون پر اهي سياستدان ڪڏهن به ماڻهن جي اهجن ۽ سورن ۽ دردن جو درمان نه ٿا ٿين، ان ڪري اهي سڀ انهن ئي وري سڀاڻي ووٽن مدد ڪن ان ڪري اهي سڀ ماڻهو انهن سڀني ووٽن جي چوري، ڌاڙي ۽ ٺڳي ۾ ڪواليفائيڊ آهن اهي سڀ اهي سڀ چوريون ڄاڻن، ان ڪري اليڪشن شين جو حل ناهي يا عرب ملڪن سميت دنيا جي ملڪن ۾ جمهوريت رڳو نالي جي پر هنن پهرين دنيا جي ماڻهن اسان ٽين دنيا جي ماڻهن کي غلام ناهي ڪيو (اسان غلام ناهيون تي هڪ صحتمند بحث ڪري سگهجي ٿو، بهرحال) اهڙي سسٽم ۾ اڙائي ڇڏيو اٿن جو ماڻهو ڀلي ويٺا سڄو ڏينهن جيئي جيئي ڪن يا مرده آباد مرده آباد ڪن ان ڪري انهن جي ذهنن مان شخصي سحر، سسٽم جي غلامي ۽ غرب ۾ رهڻ وارا فارمولا نڪرڻ نه ٿا ڏين اهي سمجهن ٿا ته انهن ماڻهن کي آمريڪا غلام ڇا ڪندي يا ڇا ڪري سگهندي اهي سڀ ماڻهو ٺلهن نعرن ۾ سسٽم جا غلام هوندا ۽ رهندا ايندا اهي ماڻهو خسيس مفادن جي خاطر هڪ کي غلط به چئي سگهن ٿا ته ٻئي کي فرسوده به چئي سگهن ٿا يا هڪ ٻئي جي مٿان جنت ۽ دوزخ جون فتوائون صادر ڪري گوليون، ڦاهيءَ جا ڦندا يا زندگي ۽ موت جا پروانا به جاري ڪري سگهن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں