لاڙڪاڻو(رپورٽ:اڪبر آزاد ھيسباڻي) لاڙڪاڻي ۾ پ پ (ش ڀ)، خاڪسار تحريڪ، گرينڊ هيلٿ الائنس ۽ شهرين طرفان عورتون ۽ ٻارڙا ساڻ ڪري مختلف هنڌن تي اٽي جي بحران ۽ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر سميت آسپاس وارن علائقن جي رهواسي مردن ۽ عورتن ٻارن سان گڏجي اوور هيڊ برج وٽ اٽي جي کوٽ ۽ مھانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي رهواسين سيد رفيق شاهه، مينهل خان جتوئي، عبدالحميد ميراڻي ۽ ٻين دانهيو ته اسين گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اٽي جي لپ لاءِ پريشان آهيون تہ مٿان وري ھٿ وٺي مھانگائي ڪري جيئڻ جنجال ڪيو ويو آھي ھنن چيو تہ ضلعي انتظاميه طرفان شهر ۾ سستي اٽي جي فراهمي لاءِ جيڪي اسٽال لڳايا ويا سي گهڻي قدر بند آهن ۽ صرف اوور هيڊ برج ڀرسان صبح جي وقت سرڪاري اگهه تي اٽو فراهم ڪيو ويندو آهي پر اڄ اسٽال وارا غائب آهن ۽ اٽو به اڻلڀ ٿي ويو آهي. هنن چيو ته اسين غريب پورهيت آهيون ايڏي مھانگائي ۾ ايتري سگهه ناهي جو 130 کان 150 روپيه في ڪلو اٽو خريد ڪري سگهون تنهن ڪري صبح کان وٺي قطار ۾ بيهي اٽي لاءِ پريشان آهيون. هنن موجب سستي اٽي جي اسٽالن جي تعداد کي وڌائي گهٽ اگهه تي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران ٻئي ڏينهن به اٽي جي کوٽ، مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن لياقت علي عمراڻي، محراب علي ڀٽو، عبدالستار جاگيراڻي، محمد سليم چنو، ليديز ونگ اڳواڻ پروين چانڊيو، عبدالحميد لهڙي، روشن علي سومرو، رستم علي شاهه، وريام چنه، ديدار سولنگي ۽ ٻين چيو ته موجوده گورنمينٽ غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام کي بک، بدحالي، ڪرپشن ۽ مهانگائي کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو جنهن ڪري اڄ سنڌ واسي اٽي جي لاءِ پريشان آهن پر انتظاميه غائب آهي ۽ عوام پنهنجي ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني به کارائي نه ٿو سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته اٽي جي کوٽ ختم ڪري مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪيو وڃي. لاڙڪاڻي ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان مهانگائي خلاف ۽ تحريڪ جي اڳوڻي سرواڻ حميدالدين المشرقي جي 13 هين ورسي جي موقعي تي شهر لاهوري محلا کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي خاڪسار تحريڪ پاڪستان جي نائب امير پروفيسر حڪيم علي نصر عسڪري، ناظم اعلٰيٰ سنڌ انور علي ابڙو، اسد الله کهاوڙ، برڪت علي گوپانگ، نور حسين بوزدار، ۽ ٻين چيو ته ملڪ نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي جنهن ڪري هر شعبي ۾ مسئلا به وڌي رهيا آهن، خاص طور تي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي بيروزگاري عروج تي پهتل آهي. هنن چيو ته ملڪ جا موجوده حڪمران عوام کي هر شعبي ۾ رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن جنهن ڪري غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. هنن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان مسلسل سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ وارو برقرار آهي پر صوبائي حڪومت توڙي ضلعي انتظاميه اٽي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا. هنن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيڻ بعد هن وقت تائين بي يارو مددگار بڻيل آهن پر سنڌ حڪومت انهن جي بحاليءَ لاءِ ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا. اسين عوام کي اپيل ڪيون ٿا ته هو اسان جو ساٿ ڏين ۽ حڪومت کان مطالبو آهي ته سنڌ ۾ اٽي جو بحران ختم مهانگائي تي ڪنٽرول آندو وڃي ٻي صورت ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ٻئي پاسي گرينڊ ھيلٿ الائينس پاران پڻ مھانگائي خلاف ڌار احتجاج ڪيو ويو.
