ملير(ڊ ر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي جي نگراني ۾ ملير سميت پوري سنڌ ۾ سستي اٽي جي فراهمي جاري آهي جتي سرڪاري اگهه تي عوام کي اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، روزاني 10 کان 12گاڏيون ملير جي مختلف علائقن گلشن حديد، شاه ٽائون، شاهه لطيف ٽائون، ابراهيم حيدري، ملير، ايئرپورٽ، گڏاپ ٽائون، مراد ميمڻ شاهه ۾ سستي اٽي جي فراهمي جاري آهي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حڪم تي سستو اٽو اسڪيم کي صاف، شفاف ۽ منصفاڻي بڻائڻ لاءِ مان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، سمورن سب ڊويزن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز، مختيارڪار ۽ ان جي ٽيم اٽو تقسيم لاءِ موجود آهن، جتي جتي اٽو تقسيم ٿي رهيو آهي اتي ماڻ پاڻ پهچي مڪمل جائزو وٺي رهيو آهيان، سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي عمل ڪرڻ منهنجي ذميداري آهي، ملير جي عوام کي سستو اٽو انهن جي علائقن ۾ ضرور ملندو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي سان گڏ اسٽاف آفيسر ٽو ڊي سي ملير رضوان عباسي، علائقي جي اسسٽنٽ ڪمشنرز، ايس ايڇ او ملير ڪينٽ، فوڊ ڊپارٽمنٽ جا مانيٽرز ۽ لاڳاپيل ضلعي آفيسر موجود هئا.
