ميهڙ(رپورٽ:منير احمد کونهارو) برک سياستدان ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالحميد خان جتوئي جي 19 هين ورسي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ سادگي سان ملهائي وئي ورسي تقريب دوۡران سندس فرزند اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي، انجنيئر ظفر علي جتوئي, اڳوڻو ايم پي اي احسان علي جتوئي, اڳوڻو سينيٽر صداقت علي جتوئي، ولايت جتوئي ۽ ٻين پاران مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عبدالحميد خان جتوئي هڪ يونيورسٽي هيو سندس جي ڏنل نصيحت ۽ نقش قدم تي هلندي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون هنن چيو ته مرحوم عبدالحميد خان جتوئي جون ڪيل خدمتن کي مخالف به اڄ ساراهيندا آهن، سنڌ جي حقن بابت سائين جي ايم سيد ۽ عبدالحميد خان جتوئي جون خدمتون ساراه جوڳيون آهن سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم ٽوڙي ڦاٽڪ سميت ٻين ڪيترن ئي سنڌ جي اهم مسئلن بابت هميشه اڳڀرا رهيا اسان کي اهڙن اڳواڻن جي ڏنل نصيحتن ۽ خدمتن مان سبق وٺڻ گهرجي هي سنڌ جا سچا سپوت ۽ بهادر اڳواڻ هئا اهڙن عظيم اڳواڻن جا نالا تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيا ويندا اهڙن بهادر اڳواڻن کان پوء سنڌ تباهي جي ڪناري تي پهتي آهي سنڌ جا حق کائڻ لاء ڪيتريون ئي قوتون سرگرم آهن جڏهن ته اسان کي سنڌ جي حقن لاء اڳتي وڌڻو پوندو. هوڏانهن ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ سندس روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاء قرآن خواني ۽ خيرات جي ماني جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو
