نوشهرو فيروز ۾ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) گورنمينٽ رٽائرڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي مراعتون نه ڏيڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ارشاد علي عباسي، مير ولي محمد ٽالپر، ولي محمد سيال، حاجن لاڙڪ، نذير قريشي ۽ ٻين چيو ته رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي مراعتون نه ٿيون ملن جنھن ڪري ھو عذاب ڀري زندگي گھارڻ تي مجبور آھن. ھنن چيو ته رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏنو وڃي، ڏھ سيڪڙو پينشن وڌائي وڃي ۽ ملازمن کي بينيولڊ فنڊ جيڪو ملازمن جو حق آهي اھو ڏنو وڃي. ڄاڻايل مراعتون ملڪ جي ٻين صوبن جي رٽائرڊ ملازمن کي ڏنيون وڃن ٿيون پر سنڌ جا سرڪاري ملازم محروم آھن. انھن مطالبو ڪيو ته رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں