وزيراعظم شهباز شريف ۽ نوازشريف جي جنيوا ۾ ملاقات

جنيوا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي پارٽي اڳواڻ ميان نوازشريف ۽ مريم نواز سان جنيوا ۾ ملاقات، ملاقات دوران ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جنيوا جي دوري دوران پارٽي اڳواڻ ميان نوازشريف ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز سان ملاقات ڪئي، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به ساڻن گڏ هو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار مريم نواز جو گلي جو آپريشن ٿيڻ تي کانئس خيريت پڇا ڪئي ۽ کيس پارٽي جو سينئر نائب صدر بنجڻ تي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف ۽ نوازشريف گهر ڀاتين سان گڏ رات جي ماني به کاڌي. رات جي ماني دوران نوازشريف جو ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان به موجود هو. وزيراعظم شهباز شريف پارٽي اڳواڻ ميان نوازشريف ۽ گهر ڀاتين سان گڏ 2 ڪلاڪن جو وقت گذاريو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں