پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامو، وفاقي وزيرن کي اچڻ نه ڏنو ويو، گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو چتاءُ

لاهور (بيورو) ڪالهه پنجاب اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي هنگامي جي ور چڙهي ويو، جنهن سبب اسپيڪر اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي سيڪيورٽي گارڊز وزيراعظم جي خاص معاون عطا تارڙ کي اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. گارڊز جي عطا تارڙ سان گڏ آيل نون ليگي ڪارڪنن سان منهن ماري ٿي، جنهن جي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي. عطا تارڙ چيو آهي ته سيڪيورٽي گارڊ چون ٿا ته وفاقي وزيرن جي پنجاب اسيمبلي ۾ داخلا تي پابندي آهي. عطا تارڙ چيو ته پرويز الاهي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، تنهن ڪري اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان ڀڄي رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سميت ٻين وفاقي وزيرن کي ڪير به پنجاب اسيمبلي اچڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجاب ۾ گورنر راڄ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جينيوا ڪانفرنس ۾ دنيا شهباز شريف جي اپيل تي پاڪستان سان گڏ بيٺي آهي، پاڪستان جون اميدون پوريون ٿيون ۽ دنيا اميدن کان وڌيڪ مدد ڪئي. هن پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته عمراني ٽولي ملڪي معيشت جو حشر نشر ڪري ڇڏيو، پرويز الاهي هن وقت مڙهيل آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ پنجاب کي اهڙي طرح لٽيو ويو آهي جنهن جو مثال نٿو ملي، ڦرلٽ ۾ عمراني ٽولو، پرويز الاهي ۽ سندس پٽ شامل آهي. پرويز الاهي سميت ڪير به اسان کي پنجاب اسيمبلي اچڻ کان روڪي نه ٿو سگهي، پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو آپشن به موجود آهي. هن پرويز الاهي ۽ عمران خان کي ڊالر جي مهانگي ٿيڻ جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سندن ماڻهن ڊالر خريد ڪري پرڏيهه اسمگل ڪيو، هو ڊالر جي مهانگي ٿيڻ جا ذميوار آهن، هن مني لانڊرنگ ڪئي، مونس الاهي واپس اچي ۽ ڳالهين جو جواب ڏي. پنجاب اسيمبلي جي صورتحال تي ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته گذريل ڏينهن چور پاڻ مليا آهن، سندن ناپاڪ چهرا عوام جي آڏو وائکا ٿي چڪا آهن، اسان ڪڏهن ناهي چيو ته اسان جا نمبر 186 آهن، اسان جا نمبر 179 آهن، اسيمبلي اچڻ کان روڪڻ غيرآئيني قدم هوندو، کين اعتماد جو ووٽ هر صورت ۾ وٺڻو پوندو، غيرقانوني عمل ڪندا ته پاڻ کي خساري ۾ رهندا. گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ وٽ نمبر پورا نه آهن، اهڙي صورتحال ۾ گورنر راڄ جو به امڪان پيدا ٿي ويو آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته پرويز الاهي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، کيس خبر آهي ته عمراني ٽولو به هن کا ناراض آهي، تنهن ڪري اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان لنوائي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں