پنوعاقل شهري اتحاد جو سرپرست اعليٰ حاجي الاهي بخش شيخ لاڏاڻو ڪري ويو

پنوعاقل(ن س) برک واپاري خلق جو خدمتگار ۽ شهري اتحاد جو سرپرست اعليٰ حاجي الاهي بخش شيخ گذريل رات ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 95 سالن جي  ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن جي جنازي نماز بينظير پارڪ پنوعاقل ۾ مولانا غلام اللّٰه هاليجوي جي امامت ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين شبير احد شيخ، ميونسپل ڪاميٽي ميمبر شيراز اسلم سومرو، پ پ پ پنوعاقل جي صدر ميان عبدالقوي انڍڙ، سردارزاده مير غلام گوهر خان چاچڙ، پ پ پ اڳواڻ سليم غني خان ڪلوڙ، سردارزاده ڊاڪٽر پپو خان چاچڙ، عبدالحفيظ خان مهر، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل، شهري اتحاد جي چيئرمين پريل دايو، جنرل سيڪريٽري فياض علي شيخ، پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر رفيق احمد شيخ، ڪلب جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري زبير انڍڙ، فنڪشنل ليگ پنوعاقل جي صدر فقير حيات مڱريو، درگاه بگو شير بادشاه جي ميان عبدالرحمان انڍڙ، مولانا مفتي محمد طاهر انڍڙ، محمد ياسين انڍڙ، پ پ انفارميشن سيڪريٽري رشيد ڪورائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مرحوم جي تعزيت جو سلسلو ان جي فرزند حاجي بشير شيخ، خدابخش شيخ ۽ بائٽيي شبير احمد شيخ سان هلندڙ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں