ڪوٽڙي(ن س) ڪوٽڙي ۾ شورا ھائوس تي اڳوڻي ڪائونسلر پ پ ايم پي اي ملڪ اسد جي ويجھي ساٿي سيد عرفان علي شاھ پنھنجي 2 سو کان مٿي ساٿين سميت ملڪ اسد گروپ کي الوداع ڪندي ڊاڪٽر سڪندر شورو سان پريس ڪانفرنس ڪندي ڄامشورو اتحاد ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ان موقعي تي سيد عرفان چيو ته شھر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ ۽ ڪرپشن جي انتھا ھجڻ سبب پ پ کي الوداع ڪري ڇڏيو آھي، ڇاڪاڻ ته پ پ جي غلط پاليسين سبب اٽو 150 ڪلو آھي جنھن ڪري اھڙي ڪرپشن خلاف ڄامشورو اتحاد جي پليٽ فارم اٿارينداسين جڏھن ته ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر شورو چيو آهي ته ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو جو عوام ڀاتورڪي ڪلچر ۽ ڪرپشن کان بيزار ٿي چڪو آھي ان لاء 15 جنوري تي ھر ميدان تي اھڙي ڪرپشن مقابلو ڪنداسين ان موقعي تي ڄامشورو اتحاد جا اڳواڻ ـ صادق شورو ـ بادشاھ ميمڻ ـ سليمان جيسر ـ رائو شاھد ـ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا .
