جنيوا ڪانفرنس انتهائي ڪامياب رهي، پائي پائي عوام جي ترقي تي خرچ ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس ۾ انتهائي ڪامياب ثابت ٿي ۽ مختلف ملڪن ۽ مالياتي ادارن  طرفان نوَ ڏهائي ست ارب ڊالر جي امداد جا واعدا ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪانفرنس انتهائي ڪامياب ثابت ٿي، ڪانفرنس جي ڪاميابي قوم جي دعائن جو نتيجو آهي. هن چيوته اِها ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر آبادگاري تائين ڪوششون جاري رکنداسين، بال هاڻي اسان جي ڪورٽ م آهي، هڪ، هڪ پائي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي تي استعمال ڪرڻي آهي، هاڻي اسان کي ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪانفرنس دوران گڏيل طور تي 9.7 ارب ڊالر امدا جا واعدا ڪيا ويا، سڀ کان وڏي امداد جو اعلان اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان چار ڏهائي ٻه ارب ڊالر جو ڪيو ويو. هن چيو ته عالمي بئنڪ ٻه ارب ڊالر ۽ ايشين انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ بئنڪ هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو، اي ڊي بي پنج سئو ملين ڊالر جو اعلان ڪيو، اٽلي 23 ملين يورو ۽ جپان ستهتر ملين ڊالر جو اعلان ڪيو، قطر پنجويهه ملين ڊالر ۽ سعودي عرب هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو . شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو جنهن تي سندن ٿورائتا آهيون، آمريڪا طرفان به سئو ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں