دادوءَ ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

دادو(رپورٽ علي گوھر سومرو)گرينڊ هيلٿ الائينس سنڌ جي صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي  گڏيل اتحاد  طرفان پنهنجن جائز حقن جي حاصلات لاء ڪيل اعلان تي ٽئين ڏينهن سول اسپتال دادو ۽ ضلع دادو  جي چئن ئي تعلقن جي تعلقه اسپتالن سميت بيسڪ هيلٿ هيلٿ سينٽرن ۾ ڪندڙ عملي طرفان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي 2 ڪلاڪ او پي ڊي بند ڪري ٽوڪن هڙتال ڪندي ضلع دادو جي اڳواڻن راجه رفيق پنهور، صداقت علي سومرو، امتياز احمد چانڊيو، اميربخش چنه۔  عبدالطيف گوپانگ  عبدالمجيد جهتيال   ۽ ٻين چيو ته هيلٿ ۾ ڪندڙ ملازم سالن کان  جدوجهد ڪئي آهي پر حڪمرانن هيلٿ جي ملازمن سان هر دفعي ڳالهين جي ذريعي فريب ڪيو آهي،  اڳواڻن سنڌ  حڪومت کي چتاء ڏيندي چيو ته اسان جا جائز مسئلا رسڪ الائونس،هيلٿ پروفيشنل الائونس سپورٽنگ اسٽاف جي ٽائيم اسڪيل، پئراميڊيڪل جو سروس اسٽڪچر، نرسنگ اسٽاف جي پروموشن سميت گرينڊ هيلٿ الائينس طرفان  پيش ڪيل مطالبا فوري طور حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں