دڙو ۾ اٽي جي اگھ ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي خلاف شھرين جو احتجاجي مظاهرو

دڙو (رپورٽ:امداد ميمڻ) دڙو ۾ اٽي جي اگھ ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي خلاف شھرين جو سخت احتجاج، دڙو شهر ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ڪڻڪ جي اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، عام واهپي جي شين جا اگھ بہ چوٽ چڙهيل، بازار ۾ ڪڻڪ جو اٽو 160 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيڻ لڳو، گيھ، ڪڪڙ، گوشت، سبزي ۽ روزمره جي ٻين شين جا اگھ بہ آسمان تي پهتل، اٽي جي اگھ ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مزدور اتحاد پاران پنڃاري پل چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مھانگائي جي پيڙھيل مختلف شھرين محمد خان منڇري، جي يو آئي جي اڳواڻ حافظ عبدالغفور ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ سرڪار ۽ سجاول جي ضلعي انتظاميا اٽي جو سرڪاري اگھ 75 في ڪلو مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري عوام کي بيوقوف بنايو آھي، دڙو ۾  اٽو اڄ بہ 160 ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي، ھنن چيو تہ غريب توڙي پورھيت طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻھو ھاڻي رُکي ماني بہ کائي نٿا سگھن. ھنن مطالبو ڪيو تہ اٽي جي اگھ سميت عام واهپي جي شين جا اگھ گهٽائي غريب ۽ پورهيت طبقي کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں