زرداري مافيا لاڙ ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي پھچائي ڇڏيو آھي:رياض چانڊيو

ٺٽو(پ ر ) رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 17 جنوري تي سالگرھ جي حوالي سان جيئي سنڌ محاذ ضلع ٺٽي جو اجلاس مڪلي تي ڀاڏائي ھائوس تي پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو اجلاس ۾ مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي سيد سرور شاهه ڀاڏائي جاويد عمراڻي  ضلع صدر امجد شورو جاويد ناھيون جبار سومرو جساف اڳواڻ دلبر شاھ عامر تنيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ۾ ڀرپور عوامي شرڪت ڪئي ويندي ان موقعي تي ڳالھائيندي محاذ سربراھ رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ زمينن جي ڀينگ ڪرڻ کان پوء زرداري مافيا پوري لاڙ ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي پھچائي ڇڏيو آھي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ ھڪ طرف ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي ٻي طرف موتمار ھٿيارن، گٽڪي، سوپاري مين پڙي جو ڪڌو ڪاروبار تيز ٿي چڪو آھي پ پ گذريل 15 سالن ۾ سنڌ جي وسيلن زمين ڪوئلي سمنڊ ۽ پھاڙن جي تباھي ڪري ڇڏي آھي ھن وقت حالت ھيء آھي ته اٽي جون قيمتون ان ڪري وڌايون ويون آھن ته جيئن غريبن جو رت چوسي مال ڪمائي سگھجي جھموريت جي نالي ۾ لاقانونيت جو اگھاڙو راڄ مڙھيو ويو آھي بک جو راڪاس گھمي رھيو آھي ماڻھو اٽي جي لپ خاطر روڊن تي چيڀاٽجيو پيا مرن سرڪار جي ڪن تي جونء ئي نٿي سري ھن صورتحال ۾ قومي اتحاد ڪري سائين جي ايم سيد جي واٽ وٺون بدلجندڙ حالتن ۾ سنڌ جي مالڪي ڪرڻي پوندي سائين جي ايم سيد دور انديش سياستدان جي حيثيت ۾ حالتن جي جيڪا اڳڪٿي ڪئي ھئي اھا سچ ثابت ٿي رھي آھي ۽ سنڌين کي سيد جي فرمان کي لبيڪ ڪرڻو پوندو تڏھن ئي دائمي نجات ماڻي سگھنداسين

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں