قبوسعيدخان(ن س) گورنمينٽ هائير سڪنڊري اسڪول جي شاگردن لاڙڪاڻو بورڊ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي شاگردن جي والدين زرق خان کوسو،رسول بخش بروهي ،مير گل کوسو ۽ شاگردن فياض کوسو ،زويب جمالي ، شيراز کوسو،اياز کوسو۽ ٻين چيو ته هڪ طرف ٻوڏ غريبن کان جيئڻ جو حق کسيو ڇڏيو آھي ته ٻي طرف تعليمي بورڊ وارا غريب ٻوڏ متاثرن جي والدين کان ڳريون فيون وٺي والدين کي سخت پريشان ڪري رهيا آھن شاگردن ۽ سندن والدين جو چوڻ هو ته هڪ ويلي جي ماني لاء پريشاني کان منهن ڏئي رهيا آھيون ته ٻي طرف اسان جي مٿان فيس جو وزن رکي اسان جي معصوم ٻارڙن کي تعليم کان پري رکڻ جي سازشون ٿيون رهيون آھن۔والدين دانهيو ته سنڌ حڪومت اسان جي ٻچڙن جون فيسون معاف ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
