قرت العين عرف عيني بلوچ جي قتل ڪيس ۾ جوابدار مڙس عمر خالد ميمڻ کي ڦاسي جي سزا

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ 17 مھينا اڳ پنھنجي زال قرت العين عرف عيني بلوچ کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار عمر خالد ميمڻ کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 10 لک رپيا ڏنڊ. تفصيل موجب ڦورٿ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪورٽ نمبر 2 مرتضي بلوچ جي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي عدالت پاران فيصلو ٻڌائڻ دوران جوابدار عمر ميمڻ کي حيدرآباد پوليس پاران جيل مان پيش ڪيو ويو جڏھن ته عدالت سڳوريء ۾ فريادي ڌر پڻ موجود ھئي. ان موقعي تي عدالت ۾ جوابدار عمر خالد ميمڻ تي پنھنجي زال قرت العين عرف عيني بلوچ کي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيو. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار عمر خالد ميمڻ کي ڦاسي جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ 10 لک رپيا ڏنڊ پڻ وڌو آھي ـ ھي افسوسناڪ واقعو 15 جولاءِ 2021 تي  پيش آيو ھو، 17 مھينا ڪيس ھليو، مک شاھد جوابدار جي ڌيءَ رامين زھرا ھئي جنھن عدالت ۾ پڻ گواھي ڏني. عيني بلوچ عرف قرت العين جي ڀاءُ اسد الله بلوچ فريادي بڻجي ھي ڪيس داخل ڪرايو ھو. جنھن ۾ايڊووڪيٽ سميع الله رند فريادي ڌر پاران دليل ڏنا ھئا. ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد شھيد قرت العين جي ننڍي ڀاءُ ثناءُ الله بلوچ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھي فتح صرف شھيد قرت العين جي گھر ڀاتين جي فتح نه آھي. پر ھي ان سنڌ جي شعور جي ڪاميابي آھي جيڪو ھر ظلم جبر خلاف جدوجھد ۾ رھي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته شھيد قرت العين سڄي سنڌ جي نياڻي آھي جنھن جي قاتل کي سزا ملڻ تي اڄ سڄي سنڌ خوش ٿي آھي سنڌ ۾ وڌندڙ عورتن جي قتل عام کي اھڙا فيصلا ئي ٻنجو ڏئي سگھن ٿا. عدالت سڳوري اڄ قرت العين بلوچ سان انصاف ڪري سنڌ جي انھن ھزارين نياڻين سان انصاف ڪيو آھي. جن کي گھريلو سخت تشدد بعد قتل ڪيو وڃي ٿو. ھن آخر ۾ چيو ته قاتل عمر ميمڻ کي انجام تي رسائڻ تائين اسان جي جدوجھد جاري رھندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں