لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي جهوني ڪلاسيڪل راڳي استاد امداد حيدري مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان راڳ ڳائي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي لاڙڪاڻي شهر جي سچل ڪالوني واري علائقي جي رهواسي سينيئر ڪلاسيڪل راڳي استاد امداد حيدري چيو ته منهنجي عمر هن وقت 80 ورهين کان مٿي آهي، جنهن ۾ مان تقريبن 60 سال راڳ ڳائي فن جي خدمت ڪئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي اي گيٽيگريءَ جي فنڪارن ۾ شامل آهيان، پر افسوس جو هن وقت ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي گهرايو نه ٿو وڃي، جڏهن ته ثقافت کاتي سنڌ طرفان ملندڙ سالياني وظيفي مان گهر جو گذر سفر ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، ڪيتري عرصي کان بيمار پڻ آهيان، غربت سبب علاج نه ٿو ڪرائي سگهان، مون کي ٽن پٽن ۽ 6 نياڻين جي اولاد آهي، پٽ به بيروزگار آهن، سمورن گهرڀاتين جي ڪفالت ڪندڙ اڪيلو فرد آهيان، ڪو به واهر ڪرڻ وارو ڪونهي. هن سينيئر فنڪارن طرفان سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته مالي سهائتا ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.
