لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اتحادي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته انهن پاڪستان کي اتي بيهاري ڇڏيو آهي جو آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻا پوندا، جڏهن ته ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي ته عمران خان ريڊ لائن لڳائي وئي آهي. وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته چورن جي حڪومت سبب پاڪستان دنيا ۾ پوئتي رهجي ويو، ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، 30 سالن تائين ٻه خاندان ملڪ لُٽيندا رهيا، اسان کي چونڊن جي تياري ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي چيو پيو وڃي ته اسان عمران خان کي مائنس ڪري ڇڏيو آهي، پئسن جي آڇ الڳ، ماڻهن کي ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن، ريڊ لائن عوام ئي لڳائي سگهي ٿو، جيڪي ريڊ لائن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن کي سياست جي سمجهه ناهي. هن چيو ته پنج ماڻهو خريدڻ لاءِ اربين رپين جي آڇ ڪئي وئي، مون کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي، مون کي احساس آهي ته توهان تي ڪيترو دٻاءُ وڌو پيو وڃي. عمران خان موجب مودي چئي رهيو آهي ته پاڪستان پِني رهيو آهي، اسان جي آزاد پرڏيهي پاليسي غلامن کي نه وڻي، آءِ ايم ايف وٽ وڃن يا نه مهانگائي ٿيندي، عدليا کي اپيل ٿو ڪيان ته اسان جا ڪي حق آهن يا نه؟ اسان جي دور ۾ هر شئي بهتر ٿي رهي هئي.
