قمرالدين ميراڻي
سماج اندر ڪجھ ماڻھن جو ڪردار ھميشه ياد رھڻ وارو ھجي ٿو سي ماڻھو پنھنجي محنت قابليت ۽ ڏاھپ سان معاشري اندر بھتري لاءِ مسلسل جاکوڙين ٿا خاص طور تي اھي شخصيتون جيڪي ٻين کي سيکارڻ لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪندڙ ھجن ٿيون سي ھميشه لاءِ مثالي بڻجي وڃن ٿيون اھڙن ئي املھ ماڻھن مان مان ھڪ اھم شخصيت محترم سائين نبي بخش سومرو به آھي جنھن پنھنجي زندگي ۾ ڏاھپ جي ڏيئي سان علم جي روشني سان ڳوٺ تماچاڻي کي منور ڪيو، سائين نبي بخش سومرو بھار جي من موهيندڙ مند ۾ سرنھن جي ٻھڪندڙ کيتن واري ڳوٺ تماچاڻي ۾ پھرين اپريل 1951 ۾ اک کولي، ھي خوبصورت ڳوٺ تماچاڻي تعلقي نيو سکر ۾ باگڙجي ويجھو آھي ڳوٺ تماچاڻي علمي ادبي حوالي سان ھڪ الڳ سڃاڻ رکي ٿو جتي دل جو درياء مزاجن ۾ ماٺيڻو ۽ مرڪندڙ شخصيت سائين نبي بخش سومرو جو ڪردار گلاب جي خوشبوءَ وانگر مھڪي رھيو آھي ھن عظيم شخصيت پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ تماچاڻي، 1968 ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول باگڙجي ۽ 1972 ۾ انٽر پرائيويٽ ڊگري ڪاليج سکر مان ڪئي، سائين نبي بخش سومرو تعليم واري شعبي ۾ دلچسپي رکڻ ڪري پي ٽي سي پڻ ڪئي جڏھن ته ھن بي اي 1974 ۾ گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج سکر مان ۽ 1979 ۾ بي ايڊ سنڌ ڪاليج آف ايجوڪيشن مان ڪئي تعليم سان چاھ ھجڻ ڪري سائين نبي بخش پنھنجي تعليم سان گڏ استاد ھجڻ واري شعبي سان پڻ لاڳاپيل رھيو کيس ڇھين نومبر 1973 تي پرائمري استاد طور سرڪاري ملازمت ۾ شامل ٿيو جنھن بعد ھو ھيڊ ماستر پڻ رھيو ھن مثالي استاد تربيت ڏيڻ دؤران ڪٽ باڪس طريقو متعارف ڪرايو جيڪو ڪافي مشھور ٿيو، ھي محنتي استاد ڪڏھن به ٿڪجي ويھي نه رھيو ھن ريسورس سينٽر ۾ ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي محنت سان جڳھ ٺاھي ورتي ھئي ۽ ھي عظيم استاد ڪيتري وقت تائين استادن جي تربيت ڏيندو رھيو ان سان گڏوگڏ ھن مدئجي ۾ اسڪول پڻ کولرايو 1998 ۾ کيس شڪارپور ضلعي کان سکر بدلي ڪيو ويو. سال 2007 دوران ھڪ آل پاڪستان ٽيچرس ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ڪوٺائي ويئي هئي جنھن ڪانفرنس ۾ ھر ضلعي مان ھڪ ميل ٽيچر ۽ ھڪ فيميل ٽيچر منتخب ڪري موڪليا ويندا آهن ان موقعي تي سکر ضلعي جي نمائندگيءَ لاءِ مون کي چونڊي موڪليو ويو جتي سکر ضلعي جي نمائندگي ڪندي تعليم جي بهتريءَ خواه درپيش مسئلن ۽ انھن کي حل ڪرڻ لاءِ سائين پنھنجا ويچار ونڊيا جنھن کي ملڪي سطح تي پڻ ساراھيو ويو ھيو 2007 ۾ جڏھن ريسورس سينٽر جون پوسٽون ختم ڪيون ويون ته کيس روھڙيء ۾ لرننگ ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو جتي ھن استادن جي سکيا ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ پنھنجي قابليت ۽ ڏاھپ جي ورھاست جو سلسلو جاري رکيو، جنھن بعد کيس ايڇ ايس ٽي استاد طور گورنمينٽ (ن) ماڊرن ھاءِ اسڪول سکر ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي سائين نبي بخش سومرو پنھنجي سرڪاري خدمتون سرانجام ڏيندي رٽائرڊ ٿيو، ھن عظيم استاد ڪارڪردگي بنياد تي اسپيشل انڪريمنٽس، بيسٽ سپروائيزر ايوارڊ، مڃتا شيلڊس ۽ ڪيترائي تعرفي سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيا، ھي استاد جيتوڻيڪ پنھنجي تعليم واري شعبي کان رٽائرڊ آھي پر ھن جو علمي ادبي ۽ سماجي خدمتون اڃا به جاري ۽ ساري آھن. سماج اندر اھڙن ڪردارن کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھجي.
