رياض ابڙو
اها ڳالھ مڃڻ جهڙي آ هن دور ۾ ”ڪنزپشن ليول“ تمام گھڻي ٿي وئي آ، پر ساڳي جاءِ تي عام ماڻهن جون روز جون ضرورتون به پوريون ناهن يا بنيادي ضرورتن کان وٺي آرام ۽ آسائشن واريون شيون يا انهن جي ترسيل به ناممڪن ٿي پئي آ يا ائين لڳندو آ ته ملڪ ۾ ڪو قحط اچڻ وارو آ يا درآمدون ۽ برآمدون ته پنهنجي جاءِ تي پر ته گروس ڊوميسٽڪ پروڊڪٽ (گهرو پيداورا) به متاثڙ آ يا هيل ٿيل بارشن، ٻوڏن ۽” فليش فلڊ“ جي ڪري زرعي سيڪٽ يا انهن ماڻهن جي لاڳاپيل زندگي گھڻي ڀاڱي متاثر رهندي آئي آ (۽ اڃان به رهندي) ان ڪري هاڻوڪي صورتحال ۾ ڪڻڪ جي امپورٽ سان گڏ دوائن جي اڻهوند به ماري ٿي ڇو ته عام ماڻهو ته اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ دربدر لڳو پيو آ يا جتي بارشن جي ذيادتي ماڻهن جي لاھ ڪڍي ڇڏيا هيا اتي وري اٽي جي ترسيل به عام ماڻهن جون آنڊا سُڪائي ڇڏيا آهن، ان ڪري اها ڳالھ هاڻي ڄڻ ناممڪن ٿي لڳي ته هي سرڪار ڪجھ نه ڪري سگهندي يا پنهنجا ڪپڙا وڪڻي ماڻهن جي اٽي جي پورت ڪرڻ وارو شهباز هاڻي قطر کي ٻه بجلي گهر وڪڻي لڳ ڀڳ ٻه ارب ڊالر ڪمائيندو ته جيئن ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ بجيٽ ڊيفيسٽ جا نقصان پورا ۽ اوڻاٺ پوري ڪري سگهجي، ان ڪري اها ڳالھ رڳو ڳوڙها ڳاڙڻ تي پهتي آ ته جتي اشرافيا جو اهو حال ته غريب ماڻهو اتي ڇٿجي، ڇٻجي ۽ لتاڙجي پوندو يا مرندو، جو اهو جي اٽي جي ڳالھ ڪندو، ان ڪري هن صورتحال مان ثابت آ ته دنيا وري ڪنهن نئين سريلنڪا جي تمثيل بيان ڪندي، ڇو ته ڳالھ هاڻي ڳاٽي کان چڙهي وئي آ ۽ اهو ثابت آ ته 13 پارٽيون ملي رڳو ڪرسي جي حاصلات ممڪن ڪري سگهن ٿيون پر عام ماڻهن جي جياپي جي ڳالھ ممڪن نه ٿيون ڪري سگهن.
اها ڳالھ به مڃون ٿا ڊالر جي کوٽ يا امپورٽ جي واڌ ۽ ايڪسپورٽ جي گھٽتائي، گيس بجلي جي اڻ هوند ۽ پنهنجي صنعتي زورن جي بند هجڻ جي ڪري عام ماڻهو تي وڏو اثر پيو آ يا ان اشرافيا جي بيڪار حڪمت عملين ۽ ملڪي پاليسين ناڻي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آ جو عام ماڻهو جڏهن مارڪيٽ جو رخ ٿو ڪري واپسيءَ تي دل کي هٿ ڏئي گهر ٿو اچي، ان ڪري جو مهانگائي جي شرح 21 سيڪڙو کان به تجاوز ڪري وئي آ معني هر شيءِ تي 20 سيڪڙو جي واڌ کڻي حڪومت چوندي هجي پر صارف (ڪنزيومر) کي اها شيءِ ٻيڻ ۽ چئوڻ تي پوي ٿي جنهن جي ڪري عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال آ، يا ساڳي ڳالھ ڪيون ته ڊالر جي اونچ ۽ نيچ بحرانن کي جنم ڏنو آ جيڪا ڳالھ شايد حڪومتي ۽ اشرافيا ڪلاس سمجهڻ نه ٿو چاهي ان ڪري ته اهي ماڻهو ڪمائن ته ڊالرن ۾ ٿا پر کپائن وري روپئي ۾ ٿا، جنهن جي ڪري بارگيننگ ۽ خرچڻ وارو ڪروڌ انهن جي سمجھ کان بالاتر آ، ان ڪري حالتون اڃان به خراب ٿيڻ جا انديشا ممڪن آهن جنهن کان ڪَنَ لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي، ڇو ته ڀاڄين، اٽي، دوائن ۽ بنيادي سهولتن جي اوڻاٺ ان ڳالھ جي ثابتي آهي ته ملڪ ڏيوالي جي طرف وڌي چڪو آ (يا ڏيوالو ٿي چڪو آ بس اعلان باقي آ) يا اها ڳالھ به چئون يا مشاهدي جي بنياد تي پڪ ڪيون ته ڪراچي جي مختلف بندرگاهن جي ٽرمينلز تي بصرن، ٻٽالن، ٿُوم ۽ اَدَرڪ جا 417 ڪنٽينر ڦاٿا پيا آهن جن ڪنٽينرن ۾ صنعتي سامان، مشينون ۽ اليڪٽرونڪ جا مختلف سامان موجود آهن جن جي رسد جا ڪاڳر بئينڪون جاري ڪرڻ کان انڪاري آهن ۽ ان نهڪر يا ڦڏي ۾ اهو سامان اتي پيو ٿو خراب ٿئي يا سڀاڻي ان استعمال کان به نڪري ويندو جنهن جي نتيجي ۾ سامان جي کوٽ جا چٽا امڪان هوندا يا صنعتون بيهڻ جا ممڪن سبب هوندا، يا ٻيو سبب اهو به آهي ته اهي ڪنٽينر اتي بيٺي بيٺي جڏهن بي سبب ڪرايو ڀريندا يا انهن تي جڏهن ٻيون چارجز به لڳنديون رهنديون ته اهي ساڳيون چارجز وري صارف (ڪنزيومر) کان به وٺندا ان ڪري ڳالھ ڦري گهري يا مهانگائي ڦري گهري ان عام صارف جي مٿان ئي اچڻي آ جنهن کي اهي شيون استعمال ڪرڻيون آهن، ان ڪري ان ڳالھ جو سروڪار اشرافيا کي ناهي پر ڳڻتي ۽ سُور رڳو ان عام ماڻهو کي آ جنهن وٽ اٽو، اٽو يا اجهو مهيا ناهي يا جيڪو بارشن ۾ درد سهندو رهيو جيڪو سردين ۾ سيءَ جي باھ ۾ سڙي ٿو يا جيڪو مهانگائي جا سُور به سهندو.
گذريل بارشن دوران ملڪ اندر 45 لک هيڪٽر زمين پاڻي هيٺ رهي جنهن جي تصديق فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن به ڪري چڪي آ، ان ڪري پاڻيءَ سان ڍڪيل زمين هيل تائين ڀاڄيون، فصل، تيلي ٻج يا ٻيون کاڌ خوراڪ واريون پيداوري شيون نه اپائي سگهي آ جنهن جي ڪري اها کوٽ به ان مهانگائيءَ ۽ اڻ هوند کي جنم ڏئي رهي آ، جنهن جي ڪري اٽو به عام ماڻهوءَ جي کائڻ کان چڙهي ويو آ، يا جنهن سبب اٽي ۽ ڀاڄين جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ٿا ڪن، يا جيڪي عام ماڻهوءَ جي پهنچ کان به چڙهي ويا آهن يا درد اهو به آهي سان جهڙي طرح ملڪ ۾ گروئر (پوکاري) سدائين بک مرندو آيو آ ۽ بروڪر (واپاري) سدائين مزي ۾ رهندو آيو آ يا عيش عشرت واري زندگي گذاريندو آيو آ، ان ڪري ڳالھ ان اشرافيا ڪلاس جي ڪيون جيڪي هن معاشري ۽ ڦُري پَٽي پيا ٿا کائن جيڪي مهاناگيءَ جي ضبط جي ڳالھ نه ٿا ڪن جنهن جي ڪري پرائيس ڪنٽرول جو به فقدان آ يا عام دوڪاندار به حڪومت کي ٻه گاريون ڏئي شيون وڪڻي ٿو وڃي، ان ڪري شين جا اگھ هڪ ڏينهن هڪڙا هجن ٿا ته ٻئي ڏينهن ٻيا، پر ظلم جي انتها اها به آهي ته ريڙهي تي ٻٽالو ۽ بصر وڪڻدڙ به جڏهن مهانگائيءَ جي ڳالھ ڪندو تڏهن ڊالر جي چاڙھ جو ذڪر ضرور ڪندو، ان ڪري عام ماڻهو وري ان ڊالر جي چاڙھ جي فلسفي کي ڇا سمجهي ۽ اهو عام صارف به چُپڙي ڪيون شين جي ڳوٿري ڀري وڃي گهر ٿو نڪري.
هونءَ به اسان جو ملڪ ”گلوبل هنگر“ واري زمري ۾ ٿو اچي يا ملڪ ٻوڏ کانپوءِ واري صورتحال ۾ ڦاٿل آ يا جنهن بهاني هي سرڪاري نمائندا به اربين ڊالر پني، وٺي، کائي کپائي اوڳرائي ئي نه ٿا ڏين ۽ ان گناھ ۾ شريڪ پي پي جا اڳواڻ ٻه آهن جن ٽيليفونيون ڦيرائي اربين ڊالر ميڙيا يا پي ٽي آءِ جي اڳواڻن به سکر ۾ هڪ ارب ڊالر ان پنيل پئيسن مان اعلانيو پر ڏنو ڪنهن به نه، ان ڪري جيئن پاڻ ٿا پنن ائين ئي هنن عام ماڻهن کي پِنَڻَ جي پريڪٽس ڪرائي ته جيئن حڪومت جي هٿ ۾ ڪِستو آ تيئن عام ماڻهو به ڪِستو کڻي پيو پني، پوءِ ڪڏهن ٻوڏ جي بهاني ته ڪڏهن انڪم اسپورٽ جي آسري يا ڪڏهن احساس پروگرام، پر عام ماڻهوءَ جي حالت نه سڌرندي، ان ڪري پر ڪيپيٽا انڪم جو حال جي ائين رهيو ته ملڪ به ائين ئي رهندو جنهن جي لاءِ اهو چوڻ مناسب آ ته عام ماڻهو خوشحال ته معاشرو به خوشحال ۽ جي معاشرو جي پنندو ته ملڪ به پنندو، ڇو ته ماڻهن جي خوشحالي سان ملڪ جي خوشحالي مشروط آ جيڪا ڳالھ اشرافيا نه ٿي سمجهي، پر مهل سان عمل درآمد ڪري ته جيئن ملڪ ان نور کان به نه نڪري وڃي.
ڳالھ اها به ماري ته ملڪ هاڻوڪي سروي مطابق لائيف انڊيڪس جي فهرست ۾ 121 کان وڃي 99 نمبر تي بيٺو آ جنهن مان ثابت آ ته هي ملڪ رهڻ جي لائق ناهي جتي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي بنيادي کوٽ آ، جتي دوائون اڻلڀ آهن، جيتي سيڪيورٽي جا مسئلا وڌندا پيا وڃن (طالبانائيزڊ ڪلچر ۾) يا جتي ملڪي جي اشرافيا کي به طالبان ڌمڪيون ٿا ڏين، يا گذريل هفتي طالبان جي وڏن شهرن تي ڪاھ ملڪ جي ”ايل ئي ايز“ جا به ٽيئر ڪڍي ڇڏيا هيا يا جتي ڪووڊ جا سُور مس لٿا هيا ته مٿان موذي مرضن جي قطار آ جنهن جي ڪري عام ماڻهوءَ جي زندگي عذاب آ يا جتي سهولتون ته پنهنجي جاءِ تي پر ٽِڪِي ڦوٽو به اڻلڀ آ يا ناممڪن آ يا حڪومت جي اهڙي عدم توجھ يا بي ڌياني ڪري وڏي عمر وارا مرد ۽ عورتون ته پنهنجي جاءِ تي پر ڳورهاريون عورتون ۽ يا 8 سالن کان گھٽ جا ٻار انهن مرضن يا کاڌي جي کوٽ جي ڪري گھڻا متاثر رهندا آيا آهن جن جي مهل سان پرگهور ملڪ کي ڪنهن وڏي خطري کان ٽاري سگهي ٿي ان ڪري مصيبتون ته وري اهڙيون آهن جن لاڳيتو کڻي منهن ڪڍيو آ جنهن جا حڪومت وٽ رڳو اهو اپاءُ ۽ وقتي ۽ ترت قدم اهو آهي ته هو پهريان آمريڪا ۽ هاڻي روس کان 45 هزار ٽن ڪڻڪ گهرائي رکي ڇڏي اٿن، يا ڳالھ اها به آهي ته ٻيون شيون ڪير ڪندو جنهن ۾ دوائن جي کوٽ ۽ روزگار جي قلت يا سيڪيورٽي جا مسئلا، يا ملڪ جي ملٽي نيوٽريشن اسٽريٽجي 2018 کان 2015 تائين جيڪا پلاننگ جوڙي هئي ان ۾ به ڪو ڪلياڻ نظر نه ٿو اچي ته حڪومت ان ڳالھ ۾ به ڪو سيريس هوندي يا حڪومت وقتي اپاءَ وٺندي يا عام ماڻهن جي زندگي وري بحال ڪري وٺندي، ان ڪري انهن سڀني مسئلن مان جيڪي ترت اپاءَ آهن اهي آهن کاڌي ۽ دوائن جي کوٽ جنهن جي لاءِ ترت قدم هن حڪومت جي عمر وڌائي سگهن ٿا.
